مارڪيٽ (جڳھ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مارڪيٽ جو مطلب اھڙي جاء جتي خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ پاڻ ۾ شين جي مٽاسٽا لاءِ تعلق قائم ڪندا آھن.مارڪيٽ اھڙي جاء جو نالو آهي جتي ماڻھو روزانو مال يا شين جي خريد ۽ فروخت لاءِ گڏ ٿين.[1] بازار جي اندر ٿيندڙ مجموعي خريد ۽ فروخت کي مارڪيٽ چئبو آهي.[2] مارڪيٽ ھڪ ذريعي جو نالو آهي جنھن جي مدد سان خريدار وڪرو ڪندڙ شين ۽ خدمتن جي خريد ۽ فروخت لاء يا انھن جي مٽاسٽا لاءِ يا ڏيتي ليتيءَ لاءِ رابطو ڪندا آهن.مارڪيٽ ٻن قسمن جي ھوندي آھي : ھڪ اھا جيڪا ڪا جاء ھوندي آھي جتي دڪان وغيره ھوندا آھن ان کي مارڪيٽ پليس marketplace يا physical market چون ٿا. ٻيو قسم مجازي مارڪيٽ virtual market آھي جنھن ۾ دڪانن واري مارڪيٽ نہ پر ڪاروبار جي پوزيشن کي ڏٺو ويندو آھي. اڄڪلھ ھن قسم جي مارڪيٽ انٽرنيٽ تي ھوندي آھي ۽ ان جو ڪاروبار آن لائين ٿي ڪيو ويندو آهي.[3]

گئلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]