مواد ڏانھن هلو

ماحولياتي ناري واد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فرانسيسي ليکڪا فرانسوئس ڊي بون جنهن "ايڪو فيمنزم" جو اصطلاح پهريون ڀيرو پنهنجي ڪتاب ۾ 1974 ڌاري ڪيو هيو

سانچو:ايڪو پالٽڪس سانچو:ناري واد

ماحولياتي ناري واد، ايڪو فيمنزم (انگريزي ٻولي: Ecofeminism- Ecofeminism) ناري واد ۽ ماحولياتي سياست جي هڪ شاخ آهي. ماحولياتي ناري واد جا اديب ۽ دانشور صنف جي بنيادن تي انسانن ۽ فطرت جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو وٺن ٿا. "ايڪو فيمنزم" جو اصطلاح پهريون ڀيرو فرانسيسي ليکڪا فرانسوئس ڊي بون پنهنجي ڪتاب "Le Féminisme ou la Mort" (1974) ۾ استعمال ڪيو. ماحولياتي ناري واد نظريو گرين/سبز سياست يا ماحولياتي سياست ۾ هڪ ناري واد نقطه نظر پيش ڪري ٿو، جيڪو صنفي برابريءَ ۽ گڏيل سماج وارو مطالبو ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪو به گروهه ۽ جنس غالب يا طاقتور ناهي هوندو. اڄ، ماحولياتي ناري واد جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن ۾ مختلف طريقا ۽ تشريح شامل ويا آهن، جهڙوڪ لبرل ماحولياتي ناري واد، روحاني يا ثقافتي ماحولياتي ناري واد، ۽ سماج واد يا سوشلسٽ ايڪو فيمنزم (يا مادي / مٽيرلسٽ ماحولياتي ناري واد) جون تشريحون شامل آهن. ماحولياتي ناري واد جون تشريحون ۽ ان کي سماجي سوچ تي لاڳو ڪرڻ جا طريقا جهڙوڪ ماحولياتي ناري واد آرٽ، سماجي انصاف ۽ سياسي فلسفي، مذهب، جديد ناري واد، ۽ شاعري ۾ شامل آهن.

ماحولياتي ناري واد يا ايڪو فيمنزم جا تجزيانگار يا تشريح ڪندڙ، ثقافت، معيشت، مذهب، سياست، ادب، آرٽ ۽ علامت شناسي/آئيڪانوگرافي ۾ عورتن ۽ فطرت جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو وٺندا آهن، ان سان گڏ ماحولياتي ناري واد فطرت ۽ عورتن خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، جبر خلاف مشابهتون بيان ڪندا آهن. ان نظريي ۾ اهي موجوده مشابهتون شامل ته آهن، پر لازمي ناهي اهي مشهابتون محدود به هجن. ان سان گڏ عورتن ۽ فطرت کي ملڪيت طور ڏسڻ، مردن کي ثقافت يا کڻي چئجي سماجي ريت، رسمن ۽ رواجن جو محافظ ۽ عورتن کي فطرت جو محافظ سمجهڻ، ۽ ڪيئن مرد عورتن تي ۽ انسان فطرت تي غالب آهن. ماحولياتي ناري واد ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته عورتن ۽ فطرت ٻنهي جو احترام لازمي آهي.

جيتوڻيڪ ماحولياتي ناري واد کي تشريح ڪرڻ جو دائرو تمام گهڻو متحرڪ آهي، آمريڪي ليکڪا ۽ ماحولياتي ناري واد چارلين اسپريٽنيڪ، ماحولياتي ناري واد ڪم کي درجا بندي ڪرڻ جو طريقو هن طرح پيش ڪيو آهي: 1) سياسي نظرين ۽ تاريخ جي مطالعي ذريعي؛ 2) فطرت تي ٻڌل مذهبن جي عقيدن ۽ مطالعي ذريعي؛ 3) ماحولياتيت جي ذريعي.

جائزو

[سنواريو]

جيتوڻيڪ دنيا جي مختلف علائقن مان ماحولياتي ناري واد جي سرگرم ڪارڪنن، ليکڪن، دانشورن ۽ اديبن مان ڪيترائي مختلف ماحولياتي ناري واد نقطه نظر سامهون آيا آهن، پر اڪيڊمڪ طور تي ماحولياتي ناري واد جي اڀياس تي اتر آمريڪي يونيورسٽين جو غلبو رهيو آهي. 1993ع جي مضمون "ماحولياتي ناري واد: عالمي انصاف ڏانهن ۽ ڌرتيءَ جي صحت" "Ecofeminism: Toward Global Justice and Planetary Health" ۾، ليکڪ گريتا گارڊ ۽ لوري گروئن ماحولياتي ناري واد جي ڍانچي کي بيان ڪيو آهي. هن مضمون ۾ نظرياتي پهلوئن سان گڏ گڏوگڏ انگن اکرن ۽ شماريات تي مشتمل گهڻي ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي. هن ڍانچي جو مقصد اسان جي موجوده عالمي حالتن کي سمجهڻ جا طور طريقا قائم ڪرڻ هو، جيئن اسان سمجهي سگهون ته اسان هن نقطي تي ڪيئن پهتا آهيون ۽ انهن مسئلن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو.

ايڪو فيمنزم انارڪا-ناري واد خدشن مان اُڀريو، جيڪو هر قسم جي تسلط ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، جڏهن ته انساني تعلقات کي فطرت خلاف ظلم ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. فرانسوئس ڊي بون پنهنجي ڪتاب "Le Féminisme ou la Mort" (1974) ۾ بيان ڪيو آهي ته ماحولياتي ناري واد پيڙهيل طبقي (عورتون، مختلف رنگن جا ماڻهون، ٻار، غريب) جي خلاف ظلم ۽ تسلط کي فطرت (جانور، زمين، پاڻي، هوا وغيره) خلاف ظلم ۽ تسلط سان ڳنڍي ٿو. ڪتاب ۾، ليکڪ دليل ڏئي ٿو ته مغربي مرداڻو سماج، ڏاڍ، تسلط، استحصال جو سڌو سنئون ماحول کي نقصان پهچائين ٿا.