مواد ڏانھن هلو

مائيڪروسافٽ بنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنگ
Bing
آڪٽوبر 2020 کان بنگ جو مکيه لوگو ۽ لفظ نشان
بنگ جو مُکيه صفحو
ويب سائيٽ جو قسم
ڳولا انجڻ
دستياب ٻوليون40 ٻوليون
مرڪزي دفتر
مالڪمائڪروسافٽ
ٺاهيندڙمائڪروسافٽ
آمدنيبنگ اشتهار
ويب سائيٽbing.com
اليڪسا درجو 41 (جون 8، 2018[[Category:Articles containing potentially dated statements from اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.]])[1]
تجارتيYes
رجسٽريشنضروري ناهي (مائڪروسافٽ آڪائونٽ)
شروعاتجون 1, 2009؛ 16 سال اَڳُ (2009-06-01)
موجوده حيثيتسرگرم
لکيل ٻوليASP.NET[2]

بنگ (انگريزي ٻولي: Bing)، مشهور سافٽ ويئر ڪمپني مائڪروسافٽ جي ڳولا انجڻ آهي۔ جيئن تہ صارفين کي ويب صفحن ،تصويرن،نقشن ۽ وڊيو تلاس ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو ۔ هي مائيڪروسافٽ جي براؤزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ پهرئين کان نصب هوندو آهي۔ پر بنگ کي اڃا تائين خاطر خواهہ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي سگهي ۽ عالمي ويب سرچ ۾ ان جو حصو في الوقت تمام محدوود آهي۔ هن وقت عالمي سرچ ۾ گوگل ڳولا سر فهرست آهي ۽ ياهو ڳولا پڻ بنگ کان ڪافي اڳتي آهي۔[3]

بنگ اي آئي

[سنواريو]
"وڪيپيڊيا" ڏانهن اشارو ڪري پڇيل سوال تي بنگ چيٽ جو پيدا ڪيل مواد جو مثال"

بنگ اي آئي، جنهن کي بنگ چيٽ جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ هٿراڌو ڏاهپ (اي آءِ) چيٽ بوٽ آهي جيڪو مائيڪروسافٽ پاران تيار ڪيو ويو ۽ 2023 ۾ جاري ڪيو ويو[4]. اهو اوپن اي آءِ جي جي پي ٽي-بنيادي وڏي ٻولي ماڊل (فائونڊيشنل لارج لينگويج ماڊل، ايل ايل ايم) جي مٿان ٺهيل آهي ۽ ٻنهي جي ڳانڍاپي کي استعمال ڪندي پرک هيٺ ۽ تقويت سکيا ٽيڪنڪ سان بهتر ڪيو ويو آهي[4]. بنگ اي آءِ چيٽ (ڪچهري) جي اوزار طور ڪم ڪري سگهي ٿو[4]. جنهن وسيلي مختلف قسم جو مواد لکي، نظمن کان وٺي ڪري گيتن، ڪهاڻين، رپورٽن تائين؛ هن وقت برائوزر ۾ کليل ويب سائيٽ تي واهپيندڙ کي ڄاڻ ۽ بصيرت مهيا ڪري ٿو[4]؛ ۽ متن جي بنياد تي لوگو، ڊرائنگ، آرٽ ورڪ، يا ان کي ٻي تصوير ٺاهڻ (اميج ڪريئيٽر) جي بنياد تي ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو. بنگ اي آءِ اميج ڪريئيٽر کي سڀني ٻولين تائين وڌائي رهيو آهي[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Bing.com Site Info". اليگزا انٽرنيٽ. Retrieved 2 نومبر 2017.
  2. Roger Chapman. "Top 40 Website Programming Languages". roadchap.com. Archived from the original on سيپٽمبر 27, 2011. Retrieved سيپٽمبر 6, 2011. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (help)
  3. بنگ ويب سائٽ
  4. 1 2 3 4 5 راڄپر, جوڳي اسد (28 مئي, 2023). "مائیکروسافٹ بنگ نے اپنی مصنوعات میں اے آئی چیٹ بوٹ متعارف کردیا". اردو ٽوڊي. اردو ٽوڊي. Retrieved 28 مئي, 2023. {{cite web}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (help)