ماءُ جو ڏھاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مدرز ڊي، امڙِين جو ڏينھن، ماءُ جو ڏھاڙو

ھڪ ٻُڍڙي ماءُ پنھنجي پُٽَ پاران تحفو ڏنل ڪارڊ ھٿ ۾ پَڪڙي ويٺل آ
ملهائڻ وارا اڪثر مُلڪ
قسم غير مذھبي
اهميت ماءُ جو احترام ۽ ماءُ جا احسان مڃڻ جي يادگيري
تاريخ ٻہ ٽي مختلف تاريخن تي
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر سالياڻو
لاڳاپيل ٻارڙن جو ڏھاڙو،پيءُ جو ڏھاڙو، پاڻي جو عالمي ڏھاڙو

ماءُ ڏھاڙو، ماءُ جو عالمي ڏھاڙو، امڙين جو ڏينهن يا مائرن جو ڏينهن (انگريزي ٻولي: Mother's Day) هر سال ھي ڏھاڙو مختلف مُلڪن ۾ مَلھايو ويندو آهي، ان ڏينھن کي ملھائڻ لاءِ دنيا ۾ ڪا بہ ھڪ متفق تاريخ نه آهي، اهو ڏينهن مختلف ملڪن ۾ مختلف تاريخن تي ملھايو ويندو آهي. پاڪستان ۽ اٽليءَ سميت گهڻا ملڪ، ھي ڏھاڙو مئي مهيني ۾ ھفتي جي ٻئي آچر تي ملھائيندا آھن،[1] ۽ اهڙا ڪيترائي ملڪ پڻ آھن جيڪي اھو ڏينھن جنوري، مارچ، نومبر يا آڪٽوبر ۾ مَلھائيندا آھن. هن ڏينهن کي مَلِھائڻ جو مقصد پنھنجي ماءُُ جي اهميت جو احساس ڪرڻ، سندس خدمت ڪرڻ، ۽ امڙ کي خوشي ڏيڻ آهي.

مائرن جو ڏھاڙو موڪل طور پھريون ڀيرو 1908ع ۾ ملھايو ويو، جڏھن انا جروس پنھنجي ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ يادگيري طور سينٽ اينڊريئو ميٿئيوڊسٽ چرچ، گرافٽن اولھ ورجينيا ۾ ملھايو.[2] انا جوروس جو چوڻ ھيو تہ ”تحفا ۽ ٺھيل ڪارڊ وٺڻ بدران ماڻھو پنھنجي امڙ کيََ جَسسس ڏيڻ، ڀيٽا ڏيڻ ۽ ساراھڻ لاءِ ھٿ سان لکيل خط محبت جي اظھار طور ڀيٽا ڏين“.

ھن ڏينھن تي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص پروگرام ھلائيندا آھن، جڏھن تہ ماڻھو پنھنجي امڙين کي مانُ ڏيڻ لاءِ تحفا ڏيندا آھن[3] ۽ سندن خدمتن جي ساراھ ڪندا آھن. جِِن ماڻھن جون مائر فوت ٿي ويون ھونديون آھن سي پنھنجي ماءُ لاءِ دعا گھرندا آھن، سندن قبر تي ويندا آھن، اسڪول مائرن کي خدمتن جي مڃتا لاءِ خاص پروگرام منعقد ڪري ڀيٽا پيش ڪندا آھن.

پاڪستان[سنواريو]

پاڪستان ۾ ماءُ جو ڏھاڙو مئي جي ٻئي آچر تي ملهايو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. https://onlineindus.com/sindhi/78229
  2. "سنڌ سوڌو سموري دُنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-12. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-03-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-05-12 

پڻ ڏسو[سنواريو]