ليھ ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ليھ(انگريزي: Leh) انڊيا جي قبضي ۾ جمون ۽ ڪشمير جي رياست ۾ لداخ جي ٻن ضلعن مان ھڪ ضلعو آهي، ٻيو ضلعو ڪارگل آهي جيڪو اولھندي پاسي آھي. ھن ضلعي جي پکيڙ 45,110 km2 آھي. ھي ضلعو ڪڇ ضلعي کانپوءِ انڊيا جو ٻيون نمبر وڏو ضلعو آهي. اتر ۾ ھن ضلعي جي سرحد پاڪستان جي گلگت بلتستان جي ضلعي گانچي سان ملي ٿي ۽ ٿوري چين سان بہ ملي ٿي. اولھ ۾ ڪرگل ضلعو، ڏکڻ ۾ لاھل ۽ سپيتي. ھن شھر جو صدر مقام ليھ شھر آھي. پھرين جولاءِ 1979 تائين سمورو لداخ ليھ جي انتظاميه جو حصو ھيو پر پوءِ ان تاريخ تي ڪرگل ء ليھ ٻہ ضلعا ٺاھيا ويا. ھن ضلعي جي آبادي مسلمان ۽ ٻڌ آھي.[1] ڄمون ۽ ڪشمير جو سڀ کان گھٽ آبادي وارو ضلعو ڪرگل آھي ۽ 2011 ۾ ٻيون نمبر ليھ آھي.[2]2017 ۾ ھن قلعي کي تماڪ کان پاڪ زون قرار ڏنو ويو.[3]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Muslim Precedence Politics - How it operates in Ladakh
  2. "District Census 2011". Census2011.co.in. حاصل ڪيل 2011-09-30. 
  3. "Leh Declared Tobacco-Free". The Tribune India. حاصل ڪيل 24 August 2017.