ليو ورادڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لِيو وَرادڪَر
چيختا دائلا
ورادڪر جو تصويري پورٽريٽ
سرڪاري پورٽريٽ، 2020
تانشت
دفتر سنڀاليو
27 جون 2020
پيشرو سائمن ڪووني
اينٽرپرائيز، واپار ۽ روزگار جي وزارت
دفتر سنڀاليو
27 جون 2020
پيشرو ھيدر ھمفريز
فائين گئل جو اڳواڻ
دفتر سنڀاليو
2 جون 2017
ڊپٽي سائمن ڪووني
پيشرو اينڊا ڪيني
14th تيشخ
عهدو سنڀاليو
14 جون 2017 – 27 جون 2020
صدر ميخائيل ڊي ھگنس
تانشت فرانسس فٽزجيرالڊ
سائمن ڪووني
پيشرو اينڊا ڪيني
جانشين ميخال مارٽن
وزير دفاع، آئرلينڊ
عهدو سنڀاليو
14 جون 2017 – 27 جون 2020
Taoiseach پاڻ
پيشرو اينڊا ڪيني
جانشين سائمن ڪووني
سماجي تحفظ وارو وزير
عهدو سنڀاليو
6 مئي2016 – 14 جون 2017
Taoiseach اينڊا ڪيني
پيشرو جون بروٽن
جانشين ريگينا ڊھورٽي
وزير صحت، آئرلينڊ
عهدو سنڀاليو
11 جولاء 2014 – 6 مئي 2016
Taoiseach اينڊا ڪيني
پيشرو جيمز رئلي
جانشين سائمن حارث
ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ راندين جو وزير
عهدو سنڀاليو
9مارچ 2011 – 11 جولاء 2014
Taoiseach اينڊا ڪيني
پيشرو پيٽ ڪئري
جانشين پاسڪل ڊونوھي
چيختا دائلا
دفتر سنڀاليو
آئرش عام چونڊون، 2007
حلقو ڊبلن ويسٽ وارو تڪ
ذاتي تفصيل
پيدائش ليو ايرڪ ورادڪر
جنوري 1979 (عمر 45 سال)
ڊبلن, آئرلينڊ
قوميت آئرش
سياسي جماعت فائين گئل
گهريلو ساٿي ميٿيو بريٽ (2015–present)
تعليم ڪنگس اسپتال
مادر علمي ٽرينيٽي ڪاليج، ڊبلن
ويب سائٽ leovaradkar.ie

ليو ايرڪ ورادڪر(انگريزي: Leo Eric Varadkar) آئرلينڊ جو ھڪ سياستدان ۽ طبيب 18 جنوري 1979ع ۾ ڊبلن ۾ پيدا ٿيو. ھن ٽرينيٽي ڪاليج ڊبلن مان طب جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ھڪ اسپتال ۾ ڪيترائي سال ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 2010ع ۾ ھڪ سنديافته جنرل پريڪٽيشنر بڻجي ويو. 2004ع ۾ ھن فائين گئل نالي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ فنگل ڪائونٽي ڪائونسل جو رڪن ٿيو. بعد ۾ فنگل شھر جو ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو. ھي ,2007 ۾ آئرلينڊ جي پارليامينٽ جي ھيٺين ايوان جو رڪن چونڊيو ويو. 2015ع ۾ آئرلينڊ ۾ ھم جنس پرستن جي شادي لاء ٿيل ريفرينڊم بعد آئرلينڊ جي سياست ۾ ھن جو ظھور ھڪ ھم جنس پرست طور ٿيو ۽ مرد سان شادي ڪندڙ جي پھريون وزير ھيو[1] مئي 2017 ۾ آئرلينڊ جي تيشخ (وزيراعظم) اينڊا ڪيني فائين گئل پارٽي جي سربراھي ۽ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي جنھن بعد ورادڪر ان جي جاء ورتي ۽ ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويو [2] ھي دنيا جو چوٿون ۽ آئرلينڊ جو پھريون اعلانيل ھم جنس پرست حڪومتي سربراھ آھي[3] ھي ھندوستاني نسب وارو پھريون تيشخ آھي[4]فيبروري 2020ع ۾ ھن چونڊون ڪرايون جنھن بعد ميخال مارٽن ملڪ جو نئون وزيراعظم يا تيشخ ٿيو ۽ ورادڪر سندس ڪابينه ۾ وزير ٿي ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Armstrong, Kathy (2 June 2017). "'Significant step for equality'- the world reacts to Leo Varadkar becoming the new Fine Gael leader". Irish Independent (Dublin). ISSN 0021-1222. http://www.independent.ie/irish-news/politics/significant-step-for-equality-the-world-reacts-to-leo-varadkar-becoming-the-new-fine-gael-leader-35782985.html. 
  2. "Leo Varadkar: Born to an Indian father, a historic gay PM for Ireland". Hindustan Times. Agence France-Presse (New Delhi). 3 June 2017. ISSN 0972-0243. http://www.hindustantimes.com/world-news/leo-varadkar-born-to-an-indian-father-a-historic-gay-pm-for-ireland/story-Nyxchjg1avrV5hqUQPe3qJ.html. 
  3. Kwak, Bethia (27 May 2017). "Ireland appears set to elect first openly gay prime minister". NBC News. https://www.nbcnews.com/feature/nbc-out/ireland-appears-set-elect-first-openly-gay-prime-minister-n765426. "If elected, Varadkar would only be the fourth openly gay world leader in modern history. The others include Prime Minister of Luxembourg, Xavier Bettel, former Prime Minister of Belgium, Elio Di Rupo, and former Prime Minister of Iceland, Jóhanna Sigurðardóttir." 
  4. "Leo Varadkar: The World’s 100 Most Influential People". Time. حاصل ڪيل 2020-09-22.