مواد ڏانھن هلو

تانشت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تَانِشتِ
Tánaiste
موجوده عهديدار
ليو ورادڪر

کان وٺي 27 جون 2020
خطاب جو اندازتانشت
رڪن
جوابدهتيشخ
سيٽڊبلن, آئرلينڊ
نامزد ڪندڙتيشخ
مقرر ڪندڙآئرلينڊ جو صدر
پهريون عهديدارشان ٽي.اوڪيلي[1]
قيام29 ڊسمبر 1937[1]
پگهار€191,403 سالياني [2]
برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم بورس جانسن آئرلينڊ جي تانشت، ليو ورادڪر سان ملندي

تَانِشتِ (انگريزي: Tánaiste)[3] ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو نائب وزيراعظم يا نائب سربراھ حڪومت ھوندو آھي.[4][5] تانشت جي مقرري آئرلينڊ جي تيشخ (وزيراعظم) جي صلاح سان آئرلينڊ جو صدر ڪندو آھي. 27 ڊسمبر 2020ع تي آئرلينڊ جو تانشت ليو ورادڪر مقرر ٿيو جيڪو آئرلينڊ جو اڳوڻو تيشخ آھي.[6] آئرش ٻولي ۾ لفظ تانشت جي معنيَ بادشاھ يا سردار جو وارث آھي. تانشت جي نالي سان ھن عھدي جو آغاز آئرلينڊ جي سال 1937ع واري آئين جي نفاذ سان ٿيو. ان آئين کان اول ساڳي عھدي جي برابر عھدي جو نالو "آئرش فري اسٽيٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو نائب صدر" ھيو. تانشت جي نامزدگي لاء ضروري آھي تہ نامزد ٿيندڙ آئرلينڊ جي پارليامينٽ جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن جو رڪن ھجي. تانشت پڻ حڪومت جو حصو ھوندو آھي.[7] ملڪ م تيشخ جي عارضي غير حاضري دوران تانشت ان جي ذميداري ادا ڪندو آهي. جيڪڏهن تيشخ وفات ڪري وڃي يا ڪنھن بيماري يا سبب ڪري ھميشه لاء ڪم ڪرڻ جي سگھ وڃائي ويھي تہ نئين تيشخ جي مقرري تائين ذميداري تانشت سنڀاليندو آهي.[8] تانشت ملڪ جي رياستي ڪائونسل جو پڻ رڪن ھوندو آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Before the enactment of the 1937 Constitution of Ireland, the deputy head of government was referred to as the Vice-President of the Executive Council.
  2. "TDs and Senators salaries". Houses of the Oireachtas. 21 February 2020. 21 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  3. "Tánaiste". ليڪسيڪو UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. 14 August 2019 تي حاصل ڪيل.
  4. "Tánaiste: definition of Tánaiste in Oxford dictionary (British & World English). Meaning, pronunciation and origin of the word". Oxford Language Dictionaries. Oxford University Press. 2013. 30 November 2013 تي حاصل ڪيل.
  5. "Role of the Taoiseach". Department of the Taoiseach. 18 May 2012 تي حاصل ڪيل.
  6. "Government Ministers", Government of Ireland, 6 August 2020 تي حاصل ڪيل
  7. Article 28.7.1º of the Constitution of Ireland.
  8. Article 28.6.2º and 28.6.3º of the Constitution of Ireland.