لوڪٽ
| لوڪٽ | |
|---|---|
| لوڪٽ جا پن ۽ ميوو | |
| سائنسي درجا بندي | |
| جنس: | Template:Taxonomy/ايريوبوٽريا{. جيپونيڪا |
| حياتياتي نالو | |
| ايريوبوٽريا جيپونيڪا (ڪارل پيٽر ٿنبرگ) جان لنڊلي | |
| لوڪٽ | |||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| روایتي چیني | 盧橘 | ||||||||||||||||||
| آسان چیني اکر | 卢橘 | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
| Modern Chinese name | |||||||||||||||||||
| چیني | 枇杷 | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
لوڪٽ (اردو:لوکات؛ انگريزي: Loquat) يا لوڪاٽ هڪڙو ننڍو، گهاٽو ۽ سهڻو وڻ آهي؛ جو اصل چين ۽ جاپان جو آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ جتي ڪٿي ٿي سگهي ٿو. ميوو ننڍيءَ ناشپاتيءَ جهڙو ٿو ٿئيس ۽ ڇڳن ۾ ٿو ٿئي. هن جا به ڪي ٿورا قسم آهن، جي رنگ ۽ قد ۾ تفاوت رکن ٿا. ڪي مٺا ۽ ڪي کٽا ٿا ٿين. ڪن جا ککڙا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا ٿا ٿين.
هي ميوو ڏاڍو لذيذ ٿو ٿئي. خشڪ موسم ۾ ٿو ٿئي، تنهنڪري انهيءَ وقت جُجهو پاڻي ۽ پٽڙو ڀاڻ ڏيڻ ضروري ٿو ٿئيس. آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڙون اگهاڙيون ڪري هفتي کن تائين ڇڏي ڏجن، پوءِ منجهن پراڻو ۽ ڳائو ڀاڻ وجهي پوري ڇڏجن. تنهن کانپوءِ پاڻي ڏجين. لکنئو جي باغن ۾ ته هڪڙو هڪڙو لوڪٽ ٽن تولن جيڏو به ٿئي ٿو.
هي وڻ سال ۾ ٻہ ڀيرا؛ هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، جڏهن ڦر نه ٿو جهلي ۽ ٻيو ڀيرو نومبر جي پڇاڙيءَ ۾ ٻور جهلي ۽ گل ڪري ٿو. گل اُڀن ڇڳن ۾ ٿين ٿا ۽ جي اڇا ۽ خوشبودار ٿا ٿين. ميوو مارچ کان اپريل يا مئي تائين لهي ٿو. هي ميوو جهڙو ڪچي کائڻ ۾ لذيذ آهي اهڙو ئي مربي ۾ لذيذ لڳندو آهي.
وڻ اڪثر ٻج مان ٿين ٿا، جو تازو پوکڻ گهرجي، رکئي خراب ٿيو وڃي. عمدي قسم هٿ ڪرڻ لاءِ پيوند جو رستو بهتر آهي، جو جون ۽ جولاءِ ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو. هن وڻ کي گهڻي ڇانگ جو ضرور ڪونهي. ننڍين شاخن جي سنڀال رکڻ گهرجي، جو گل اڪثر انهن جي چوٽين ۾ ٿيندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.