للت پد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

للت پد (Lalt Pad) جديد سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ ”هندي ڇند وديا“ جي اصولن تحت جملي اٺاويھ ماترائون ٿين ٿيون. هي شعر ٻن سٽن تي مشتمل ٿئي ٿو. بناوت جي لحاظ کان هر مصرع جي پهرين حصي ۾ سورهن ۽ پوئين حصي ۾ ٻارهن ماترائون هئڻ گهرجن. ساهيءَ لاءِ پڙهندڙن جي سهوليت خاطر مقرر ماترائن کانپوءِ بيهڪ جي نشاني ڏيڻ لازمي آهي.“للت پد” جي هر ٻن مصرعن جو علحده علحده مضمون ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ هري دلگير جا ’للت پد‘ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.