لطف علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لطف علي خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1125ھ کان 1128ھ تائين
پيشرو عطر خان
جانشين شجاعت علي خان
ريجنٽ فرخ سير
مذھب اسلام

لطف علي خان(انگريزي: Lutuf Ali khan)فرخ سير طرفان ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو ۽ ٽي سالن جي لڳ ڀڳ رھيو[1].محمد شفيع لطف علي، سيد مير محمد يوسف رضوي بکري جي اولاد مان هو ۽ عطر خان کان 1125ههھ ۾ ملڪ کسي حڪومت ڪرڻ لڳو. 1127ههھ ۾ عطر خان جي قتل کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت تي خودمختيار ٿي ويٺو ۽ شجاعت خان خطاب ماڻي هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين ٺٽي جو گورنر رهيو. مير علي شير قانع مطابق هو وڏو قابل ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ پڻ ڀڙ هو، نثر ۽ نظم ۾ سندس تخليقون موجود آهن، جن جو نمونو مقالات الشعراءَ ۾ موجود آهي. شاعري ۾ ”همت“ تخلص استعمال ڪندو هو. مير لطف علي خان 1154ههھ جي آخر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ”آدخله في الجنات“ مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي