لطف علي خان
ڏيک
| لطف علي خان | |
|---|---|
| ٺٽي جو مغل گورنر | |
| 1125ھ کان 1128ھ تائين | |
| پيشرو | عطر خان |
| جانشين | شجاعت علي خان |
| ريجنٽ | فرخ سير |
| مذھب | اسلام |
لطف علي خان(انگريزي: Lutuf Ali khan)فرخ سير طرفان ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو ۽ ٽي سالن جي لڳ ڀڳ رھيو[1].محمد شفيع لطف علي، سيد مير محمد يوسف رضوي بکري جي اولاد مان هو ۽ عطر خان کان 1125ههھ ۾ ملڪ کسي حڪومت ڪرڻ لڳو. 1127ههھ ۾ عطر خان جي قتل کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت تي خودمختيار ٿي ويٺو ۽ شجاعت خان خطاب ماڻي هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين ٺٽي جو گورنر رهيو. مير علي شير قانع مطابق هو وڏو قابل ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ پڻ ڀڙ هو، نثر ۽ نظم ۾ سندس تخليقون موجود آهن، جن جو نمونو مقالات الشعراءَ ۾ موجود آهي. شاعري ۾ ”همت“ تخلص استعمال ڪندو هو. مير لطف علي خان 1154ههھ جي آخر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ”آدخله في الجنات“ مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.[1]