عطر خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عطر خان
غياث الدين
ٺٽي جو مغل گورنر
1124ھ کان 1125ھ تائين
پيشرو خواجہ محمد خليل
جانشين لطف علي خان
ريجنٽ محمد فرخ سير
لاڏاڻو ٺٽو
مذھب اسلام

عطر خان(انگريزي: Attur Khan) شھنشاھ فرخ سير کيس ٺٽي جو گورنر ڪري موڪليو ڪجهه مھينا اتي رھيو پر وفات ڪري ويو[1].فرخ سير ٺٽي جي حڪومت عطر خان پٽ خان بهادر سعيد جي حوالي ڪئي. عطر خان کي حڪومت هلائڻ جو تجربو نه هو ان ڪري حڪومت جو سڄو ڪاروبار محمد يعقوب ڪشميري هلائيندو هو، جنهن جي ڪري سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ عطر خان کي مير لطف علي خان سان جنگ ڪرڻي پئي ۽ هزار ڪوششن ۽ بهادريءَ جي باوجود به مارجي ويو. مڪلي نامه مطابق عطر خان جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي: بتاريخ هفتم شهر محرم مرحوم غياث الدين عطر خان عرف سعد بن سعيد خان بگلگونه شهادت رحلت نمود 1126ھ.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي