لشڪر خان يادگار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لشڪر خان يادگار
ٺٽي جو مغل گورنر
1070ھ کان 1075ھ تائين
پيشرو قباد بيگ ازبڪ
جانشين غضنفر خان
ريجنٽ اورنگزيب عالمگير
مذھب اسلام

لشڪر خان يادگار(انگريزي: Lashkar Khan Yadgar)قباد خان جي وڃڻ کانپوءِ ٺٽي جي صوبيداري مليس ۽ 1 شعبان 1075 تي ان عهدي کان هٽايو ويو.[1].تحفة الڪرام مطابق نواب لشڪر خان عرف جانثار خان 1071ھ تي ٺٽي جو گورنر ٿيو. سندس اصل نالو يادگار بيگ پٽ زبردست خان هو.. شاهجهان حڪومت جي 19 سال لشڪر خان پنهنجي حوصلي ۽ همت جي ڪري جانثار خطاب سان نوازجي اميرن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ايران جي بادشاهه شاهه عباس ثاني ڏانهن مبارڪباد جو خط کڻي ويو. شاهجهان جي ايڪيهين سال ٻه هزاري منصب سان نوازيو ويو. شاهجهان جي 23 سال سيادت خان جي جاءِ تي کيس فوج ۾ پگهارون ورهائڻ جي زمينداري ڏني ويئي ۽ پوءِ مختلف خدمتون انجام ڏيندو رهيو. عالمگير جي تخت نشيني جي پهرين سال پنج سؤ سوار، ٻه هزاري ۽ ٽي هزاري جي منصب ۽ سروپاءِ سان سرفراز ٿي ملتان جي حڪومت عطا ڪئي ويئي. عالمگير جي ٽين سال قباد خان جي وڃڻ کانپوءِ کيس ٺٽي جي صوبيداري ملي ۽ اتان بهار بدلي ٿي ويو. پندرهين سال لشڪر خان ٻيهر ملتان جو صوبيدار ٿيو ۽ 1081ھ (71 ــ 1670ع) ۾ وفات ڪيائين. تحفة الڪرام ٺٽي ۾ سندس حڪومت چار سال ٻڌائي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي