قباد بيگ ازبڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قباد بيگ ازبڪ
ٺٽي جو مغل گورنر
1067 کان 1070ھ
پيشرو ظفر خان احسن
جانشين لشڪر خان يادگار
ريجنٽ اورنگزيب عالمگير
مذھب اسلام

قباد بيگ ازبڪ(انگريزي: Qabad Beg Uzbuk)5 محرم 1067ھ تي اونگزيب جڏهن سلطان پور ۾ هو ته قباءَ کي 26 صفر 1067ھ ۾ ٺٽي جي زمينداري سونپيائين ۽ 9 رمضان 1070 تي سندس ٺٽي مان بدلي ٿي. عالمگير طرفان اهو پهريون ٺٽي جو صوبيدار هو.[1].تحفة الڪرام ۾ آهي ته ظفر خان کانپوءِ 1069ھ (1658ع) ۾ قباد خان ٺٽي جو نائب گورنر ٿي آيو. هو شروع ۾ طنبيلن جو نگران هو. نذر محمد جي آخري دؤر ۾ غوري قلعو سندس حُالي ڪيو ويو. شاهجهان جي 19 سال شهزادو مراد بخش بدخشان ۽ بلخ کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته قلعي ڪهمرد ۽ غور تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ قليچ خان ۽ خليل الله کي موڪليائين، جن سان صرف ٽن سؤ سوارن سان قباد خان جنگ جوٽي، پر مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ اچي امان گهريائين، قليچ خان کيس چئن پٽن سوڌي ڪابل شاهي درٻار ۾ موڪليو، جتي هڪ هزاري ۽ پنج سؤسوار منصب ۽ ويهه هزار انعام سان نوازيو ويو. جنهن زماني ۾ دارا شڪوه ڀڄي اچي ملتان پهتو ته قباد خان، شيخ مير سان گڏ کيس پڪڙڻ آيو پر هو ٺٽي وٽان دريا ٽپي گجرات هليو ويو. شيخ مير خان کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي پر هن پنهنجي جاءِ تي قباد خان کي چار هزاري منصب ڏئي رکيو ۽ پاڻ هليو آيو. تحفة الڪرام مطابق قباد خان جي زماني ۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪار ۽ وبا پکڙجي ويئي هئي ۽ مٿان دارا شڪوه هڪ ٻي مصيبت اچي نازل ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي