لبرل ازم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آزاد خيالي يا لبرل ازم (Liberalism) مان مراد فرد جي ذاتي آزاديءَ جي حق کي مڃڻ آھي. لبرل ازم ۾ اھا ڳالھ مڃي وڃي ٿي ته ھر انسان آزاد پيدا ٿيو آھي. ڇو جو انساني اوسر تڏھن ئي ٿي سگھي ٿي جڏھن کيس آزادي عمل ۽ اظھار جي آزادي حاصل هجي ۽ ھر ھوشمند بالع فرد پنھنجا فيصلا پاڻ ڪري سگھڻ جو اختيار رکندو ھجي. ان تي والدين، ڌرم، مذھبي پيشوا، سماج ۽ رياست جي گھٽ ۾ گھٽ مداخلت ھجي. لبرل ازم انسانن جي شخصي ۽ ذاتي اسپيس جي احترام ڪرڻ جو نالو آھي. ڪنھن به انسان جي ذاتي زندگي جي معامري ۾ فيصلا ڪرڻ جو حق ڏيڻ لبرل ازم جي اھم وصف آھي. ڪنھن فرد جي آزادي سان ڪنھن ٻئي فرد جي آزاديءَ کي ڪو ھاڃو نه پھچندو ھجي ان کي لبرل ازم چئجي ٿو. لبرل ازم ۾ توھان پنھنجي ذات، زندگي، بدن، رزق ۽ شوق جا پاڻ مالڪ آھيو. لبرل ازم جي ابتڙ مذھب، اقدار، رياست جي نالي تي ڪنھن به فرد جي آزادين کي رد ڪري ان کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر هلائڻ جو مطلب اھو آھي ته لبرل ازم جي پاليسي تي عمل نه ٿي رھيو آھي.

لبر ازم جو اصطلاح سياسي ادب ۽ فلسفي ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو 18 ۽ 19ع صديءَ ۾ وچولي طبقي سان منسوب ڪيو ويو. وچولي طبقي وارن، وچئين دؤر جي پراڻن سياسي ، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي نظرين سان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ کي آزاد خياليءَ جا علمبردار سڏيو. آزاد خياليءَ جي مڃيندڙن پاڻ کي جمهوريت ۽ معاشي سڌارن جو امين ڪوٺيو . [1]


آزاد خيالي يا لبرل ازم تاريخي لحاظ کان جاگيرداري ۽ شهنشاهيت خلاف سترهين صديءَ ۾ شروع ٿيل هڪ فڪري تحريڪ آهي، جنهن يورپ ۾ مذهب، معيشيت، سياست ۽ سماجي شعبن ۾ نوان لاڙا آندا. هن تحريڪ ”فرد“ جي آزاديءَ جي وڪالت ڪندي، سندس صلاحيتن ۽ خوبين جي آزاد اظهار لاءِ ماحول فراهم ڪيو ۽ معاشري ۾ آزاد چٽا ڀيٽيءَ ۽ انساني فلاح وارو ماحول جوڙڻ تي زور ڏنو. اڳتي هلي اها تحريڪ سڄي دُنيا ۾ ڦهلجي وئي. آزاد خياليءَ جي تحريڪ عام طرح هر سماج جي وچولي طبقي پاران هلائي وڃي ٿي، جيڪا قدامت پسندي ۽ ڪليسيائي داٻي کي ٽوڙي، اخلاقي حدن اندر رهندي، انساني راءِ جي مڃتا جي قائل آهي. ”آزاد خياليءَ“ ۾ فرد کي ڳالهائڻ، چونڊڻ ۽ ذاتي ملڪيت جي واڌ ويجهه وارا حق ڏنا ويندا آهن. ارڙهين صديءَ جي ”ڪلاسيڪل لبرلزم“ ۽ ويهين صديءَ جي ”سوشل لبرلزم“ وارين تحريڪن دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون. دنيا ۾ اڪثر وڏا انقلاب، آزاديءَ جون تحريڪون ۽ انفرادي حقن جي تحفظ لاءِ ٿيل جاکوڙون، هن نظريي جي اثر هيٺ حاصل ٿيون. هن نظريي جي ڪري عالمي سطح تي سهڪاري ۽ امن جو ماحول جُڙيو ۽ ٻين رياستن لاءِ پرامن بقا ئي باهميءَ واري اصول تي زور ڏنو ويو. هي نظريو عالمي برادريءَ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالھين ٻولين ۽ ٻين پرامن سرگرمين تي زور ڏئي ٿو، جان لاڪ، روسو، والٽيئر ۽ ٻيا يورپي ڏاها هن نظريي جا وڏا وڪيل مڃيا وڃن ٿا. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. http://dic.sindhila.edu.pk/define/Liberalism.php