مواد ڏانھن هلو

لاھري بندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاھري بندر
لاڙي بندر
جڳھہ سنڌو درياءَ جي ھڪ شاخ ٻگھياڙ درياءَ (ھاڻي ڦٽل) جي ڪناري تي سمنڊ کان 20 ميلن جي فاصلي تي.
خطو ٺٽي وارو علائقو
قسم قديم ڦٽل بندر
تاريخ
دور سمن جو دؤر
ثقافتون مسلم ۽ ھندو سنڌي ثقافت
Satellite of ٺٽو
Associated with سنڌي

لاهري بندر(انگريزي: Laahri Bander) هيءُ اصل لاڙي بندر يعني لاڙ جو بندر هو. جو اڳوڻي ٻگهياڙ درياھ تي هو ۽ سمنڊ کان ست اٺ ڪوهه هو. اتي شهر جي بچاءَ لاءِ وڏو ڪوٽ هوندو هو. جو بلوچي ۽ مڪراني چور چوري ڪندا هئا. انهيءَ بندر کان مال ٺٽي ڏي ويندو هو. جو اتان چاليهه ڪوهه پري هو. اتان هڪ ڪوهه پنڌ تيڌاراجا شهر آهي، جو ڌاراجا جي راڻي جو شهر هو، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي اشاري تي ماري ڇڏيائون. انهيءَ ڦٽل شهر جا نشان اڃا ظاهر آهن. اتر ڏي ڳاڙهين سرن جو هڪڙو جهونو ڪوٽ آهي ۽ انهيءَ کان اڌ ڪوهه پنڌ تي بالو شاهه جو قبو آهي. جنهن تي گهڻا مهاڻا ۽ جت زيارت لاءِ ايندا آهن.[1] جنت السنڌ مطابق:لاهري بندر جنهن ديول کان پوءِ ناموري حاصل ڪئي، سو ديول کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي سمنڊ کان ويهه ميل اندرئين پاسي مهراڻ جي هڪڙيءَ اولهندي واري شاخ تي واقع هو، ابن بطوطا جي بيان موجب خوبصورت ۽ مالدار شهر هو. سندس بيان موجب ايران ۽ يمن جا جهاز مال آڻيندا هئا. محمد تغلق هي بندر قاضي علاءَ الملڪ هراتيءَ کي جاگير ڪري ڏنو هو. بندر جي سالياني آمدني ويهه لک دينار هئي. ٺٽي جي بنياد پوڻ کان پوءِ به لاهريءَ جو اقبال واپار جي ڪري ترقي ڪرڻ لڳو. شيخ ابو الفضل ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ لاهريءَ جي تعريف ڪري ٿو ۽ ان جي سالياني آمدني هڪ لک اٺٽيهه هزار رپيا لکي ٿو.[2]

سنڌ جي مصروف ترين بندرگاھ

[سنواريو]

سنڌو درياء جي بگهياڙ شاخ هو. اتان سمنڊ هڪ ڏينهن جي پنڌ تي (يعني اندازاً ڏهه ميل) پري هو. ٺٽو شهر، لاهري بندر کان دريائي رستي سان ٻن ڏينهن جي مفاصلي تي هو[3]. لاهري بندر بابت پهريون حوالو البيروني جي ڪتاب الهند مان ملي ٿو ته درياء سنڌ سمنڊ ۾ پوڻ کان اڳ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويو ٿي، انهن مان هڪ وڏي شاخ ۽ ٻي ننڍي شاخ هئي. لوهاراڻي بندر انهيءَ ننڍي شاخ تي هو. (موجوده تحقيق موجب انهيءَ ننڍي شاخ کي بگهياڙ تسليم ڪيو ويو آهي.)[3] البيروني جي لکڻ موجب، بندر جو اصل نالو ”لوهاراڻي“ هو، جيڪو پوءِ لاڙي، لاهري، لاهوري ۽ لهري به اُچارجڻ ۾ آيو، پر گهڻو مشهور ”لاهري“ ٿيو. ان دؤر جي مشهور سـَّياح البشاري مقدسي جي چوڻ موجب انهيءَ زماني تائين ڀنڀور (ديبل) جي حالت ابتر ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري ان جي بدران لاهري بندر کي استعمال ڪيو ٿي ويو، جيڪو ننڍو شهر آهي[3]. چوڏهين صدي جي اوائل ۾ ابن بطوطه لاهري بندر ڏٺو. هو لکي ٿو ته ”سمنڊ جي ڪناري تي هڪ سهڻو شهر آهي. کيس هڪ وڏو بندر آهي، جيڪو ديبل کان به گوءِ کڻي ويو آهي. هن بندر تي يمن، فارس (ايران ۽ عربستان) ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو واپار سانگي اچن ٿا. هن بندر مان ساليانو سٺ لک رپيا محصول اڳڙندو آهي.“ سترهين صديءَ ۾ هند ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو مکيه لنگهه سنڌو درياء هو، جنهنڪري لاهري هڪ مشغول بندر هو. هند جي پرڏيهي ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه مرڪز هو، جنهن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي ڇڪي آندو. سڻائي ڪناري سبب ٻن سَون کان ٽن سَون ٽنن جا جهاز، جي ان وقت وڏا جهاز ليکبا هئا، مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. ليڪن اوليت ۽ اهميت پورچو گيزن کي حاصل هئي، جيڪي تجارت خاطر گهڻ سامونڊي رستن تي ڇانيل هئا ۽ اڪثر بندرگاهن ۾ سندن واپاري ڪوٺيون هيون. سر ٽامس رو لکي ٿو ته ”لاهري بندر ۾ پورچوگيز چڱيءَ طرح ڄميل هئا ۽ گهڻي انداز ۾ رهندڙ هئا. کين پنهنجي جنگي جهازن ۾ ايراني نار ڏانهن مال نيڻ جي هڪ هٽي حاصل هئي.[3]“ انگريزن جي پهرئين واپاري وفد کي 1613ع ۾ لاهري بندر منجهه پير کوڙڻ ۾ به انهيءَ ڪري ناڪامي حاصل ٿي هئي جو پورچوگيزن اهو دڙڪو ڏنو هو ته جيڪڏهن انگريزن کي بندرگاه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ته هو بندر ڇڏي هليا ويندا. جيئن ته ان وقت جي گورنر محصول اڳاڙڻ جو حق هڪ مقرر ٿيل رقم جي عيوضي ڏيئي ڇڏيو هو، تنهنڪري ان ڌمڪي جو ايترو اثر ٿيو جو هن انگريزن جي وفد کي انهيءَ دليل تي قبول نه ڪيو ته جيڪڏهن پورچو گيز هليا ويا ته پوءِ بندر جو واپار بند ٿي ويندو[3]. پورچوگيزن جو سرڪاري روزنامچو لکندڙ ائنٽونيڪارو 1613ع ۾ لکي ٿو ته هي بندر تمام وڏو آهي ۽ آدمشماري تمام گهڻي آهيس. انگريزي ڪوٺين وارا به انهيءَ بيان جي پٺڀرائي ڪندي لکن ٿا ته جيتوڻيڪ شهر جي اڏاوت سٺي نه آهي، تڏهن به منجهس ڪافي آدم آباد آهي ۽ ضرورت جون سموريون شيون چڱيءَ طرح موجود آهن[3]. اورنگزيب جي ڏينهن ۾ دهلي حڪومت جو هڪ آفيسر هن بندر لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌ جو مکيه بندر آهي. موتين ۽ ٻين املهه شين کان مشهور آهي. هتي اٽڪل چار هزار جهاز ۽ ٻيڙيون آهن.“ تاريخ طاهري جي مصنف بذات خود هن بندرگاه کي ڏٺو ۽ پنهنجي يادداشت قلمبند ڪئي اٿس ته: ٺٽي شهر ۽ لاهري بندر جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جي بري توڙي بحري سفر جيترو مفاصلو آهي ۽ ان کان پوءِ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي سفر جيترو ٻيو مفاصلو آهي. اُتي هڪ ننڍو واهه آهي (جنهن کي ٺٽي جي ٻوليءَ ۾ نار چون ٿا) جيڪو بندر سان ڳنڍيل آهي. اهو ڪن هنڌن تي تقريباً ڏهه طناب ويڪرو آهي ته ڪن جاين تي انهيءَ کان به وڌيڪ. انهيءَ مان لنگهي ڪونه ٿو سگهجي. بندر ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ وسنئن آهي، جنهن کي ”سُئي مياڻي“ چوندا آهن. ان هنڌ مير بندر جا پهريدار ڀريل هٿيارن سان هميشه هوندا آهن. جڏهن به ڪو جهاز نار ۾ داخل ٿيندو آهي ته هو بندوق ڇوڙي ان جي اچڻ جو اطلاع ڏيندا آهن. جنهن جي جواب ۾ وري – گهاٽ تان بندوق ڇوڙي بندر جي ماڻهن کي جهاز جي خبر ڏني ويندي آهي. بندر جا ماڻهو وري جهاز جي اچڻ جو اطلاع ٺٽي جي واپارين ڏانهن اُماڻيندا آهن ۽ پاڻ ٻيڙين ۾ چڙهي نار جي مُنهن وٽ ويندا، تيستائين پهريدار جهاز بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن جهاز پنهنجي ئي بندر جو آهي ته ان کي اندر اچي لاهري بندر ۾ لنگر هڻڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، پر جي ٻئي ڪنهن بندر جو آهي ته اهو اڳتي وڌي نه سگهندو، بلڪ ان جو سامان لاهي ٻيڙين ۾ وجهي شهر ڏانهن اُماڻبو آهي.بندرگاه جي نه فقط حفاظت جو جوڳو بندوبست هو، پر مال جي محصول وغيره جي وصوليءَ ۾ مقرر شاخ کان وڌيڪ وٺڻ يا واپارين کي زير بار ڪرڻ جي ڪابه شڪايت نه هئي. سترهين صديءَ جي سياحن جي لکيت سان معلوم ٿو ٿئي ته هر بندرگاه تي محصول جي شرح مقرر نه هوندي هئي، پر لاهري بندر جي محصول وٺڻ واري دفتر تي محصول جو نرخ لکيل هوندو هو. ڪوبه لالچي عملدار پنهنجي مرضي مطابق ان ۾ ڪابه ڦير گهير آڻي نه سگهندو هو ۽ نه ئي ڪي نوان محصول مڙهي سگهيو ٿي. بهرحال، هي بندرگاه، پنهنجي اٺن سّون سالن جي شاندار تاريخي اوج ۽ عروج ماڻي، قدرت جي انهيءَ ساڳيءَ ستم ظريفي جو شڪار بنجي برباديءَ جي منزل کي پهتو، جنهن جي ڪري کائنس اڳ يا همعصر بستيون ۽ بندر برباد ٿيا. درياء جو پيٽ واريءَ ۽ رءُ سان ريٽجڻ لڳو، جنهن ڪري منجهس غورابن ۽ ٻيڙين جي آمدورفت مشڪل ٿيڻ لڳي. انهيءَ دوران ٻيا بندر، جيئن ته اونگا بندر، شاه بندر، بستا بندر، ڌاراجا ۽ ڪراچي اُسري پيا ۽ لاهري بندر جي اهميت گهٽجي وئي، تان جو سندس نالو نشان به نه رهيو[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 مضمون :سنڌ جا ٻه قديم بندرگاھ؛ ليکڪ: محمد اسماعيل شيخ، رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو