لاطيني آمريڪا جي آزاد واپار واري تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاطيني آمريڪا جي آزاد واپار واري تنظيم (Laateeni Aamreeka jee Aazaad Wapaar waari Tanzeem) يا لئٽين اميريڪن فري ٽريڊ ائسوسئيشن (Latin American Free Trade Association LAFTA) ’مانٽي ويڊيو‘ جي ٺاهه هيٺ 1960ع ۾ قائم ٿي. ان سلسلي ۾ جون 1961ع ۾ ارجنٽينا، برازيل، چلي، ڪولمبيا، ايڪواڊور، ميڪسيڪو، پئراگوئي، پيرو ۽ يوراگوئي هڪ ٺاهه تي صحيون ڪيون. ٺاهه جو بنيادي مقصد ڏکڻ آمريڪي ملڪن درميان واپار وڌائڻ ۽ واپار کي آڏو ايندڙ ايندر مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط تنظيم جو وجود ٿيڻ جوڳو بڻائڻ هو. ڏکڻ آمريڪا ۾ اقتصادي تعاون جي حوالي سان هيءَ نهايت ئي اهم تنظيم آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-06-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد