لاسي لهجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاسي لهجو (Lasi Dilect) لسٻيلو هن وقت بلوچستان صوبي جو حصو آهي، پر اڳ ۾ اهو سنڌ جو حصو هو. اڄ بہ اتي 70 سيڪڙو ماڻهن جي مادري زبان سنڌي آهي. لسٻيلي جو لوڪ ادب ۽ شاعري سنڌي زبان جو قيمتي سرمايو آهي. هن لهجي ۾ لاڙي لهجي واريون سڀ خصوصيتون موجود آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ لکي ٿو تہ ”لسٻيلي جي ٻولي لاڙي محاوري سان زياده مشابهت رکي ٿي. ان حوالي سان لاسي، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.