لارڊ بيڊن پاول

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اسڪائوٽ تحريڪ جو باني- لارڊ بيڊن پاول 22 فيبروري 1857ع تي هڪ -انگريز- آفيسر جي گهر ۾ انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1874ع ۾ سينيئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن کي 1899ع ۾ آفريڪا ڏانهن موڪليو ويو، ڇو ته اتي آفريڪا جي علائقي مينيجڪنگ ۾ بُوتر نالي قبيلي -بغاوت- ڪئي هئي. هن کي اها -بغاوت- ختم ڪرڻ جو منصوبو سونپيو ويو هو. هن وڏيءَ رٿابنديءَ سان اُن -بغاوت- کي ختم ڪيو. هن اُن لاءِ اتي فوج کي -ٽن- حصن ۾ ورهايو. پهرئين حصي ۾ جوان فوجي رکيائين، ٻئي حصي ۾ اڌڙوٽ عمر جا فوجي رکيائين ۽ ٽئين حصي ۾ رسد پهچائڻ لاءِ ڪراڙا فوجي ۽ ۽ -ٻار- رکيائين. هڪ ڏينهن باغين لارڊ بيڊن پاول کي گهيري ۾ آڻي، کيس ۽ سندس فوج کي قلعي -بند- ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ جيئن ئي هيءُ سوچ ۽ فڪر ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو ته هڪ ننڍي ڇوڪري باغين جي مورچن مان نڪري اچي، هن کي هڪ فوجي آفيسر جو پيغام پهچايو، جنهن ۾ گهيري ٽوڙڻ جو پلان هو. هن -ان- تي عمل ڪري گهيري کي -ٽوڙي- وڌو ۽ فوج سان 1901ع ۾ اها -بغاوت- ختم ڪري ڇڏيائين. هن -ان- عمل تي سوچيندي، ٻارن کي باقاعدي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل جي عهدي -تان- استعيفيٰ ڏئي، -انگلنڊ- جي برائون سي جزيري ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ لڳائي. -ان- ۾ فقط 120 اسڪائوٽن شرڪت ڪئي. -ان- کان پوءِ 1908ع ۾ ڪتاب -اسڪائوٽنگ- فار بوائز لکيائين. 1920ع ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ جمبوري -انگلنڊ- ۾ لڳي، جنهن ۾ لارڊ بيڊن پاول کي دنيا جو پهريون چيف اسڪائوٽ چونڊيو ويو. هيءُ تاحيات اسڪائوٽ رهيو، ۽ آخر ۾ 83 سالن جي عمر ۾ 8 -جنوري- 1941ع تي آفريڪا ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو ڪينيا ۾ آهي.[1]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]