اسڪائوٽنگ
ڏيک
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e0/WikiProject_Scouting_fleur-de-lis_dark.svg/220px-WikiProject_Scouting_fleur-de-lis_dark.svg.png)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/31/Scout_stone_Brownsea.jpg/170px-Scout_stone_Brownsea.jpg)
اسڪائوٽنگ نوجوانن جي هيءَ سڀ کان وڏي، منظم، فعال، غيرسياسي ۽ بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو پهريون مقصد نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽ خدمت جو جذبو اُڀارڻ ۽ ان وسيلي منجهن ملڪ ۽ قوم لاءِ، مفيد، باڪردار ۽ قابل فخر شهري بنجڻ جي اُمنگ پيدا ڪرڻ هو. هن تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول (1857ع_1941ع) هو.
اسڪائوٽ تحريڪ ۾ عمر جي حساب سان اسڪائوٽن کي ٽن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. 7 سالن کان 11 سالن جي عمر وارن ٻارن کي ”شاهين اسڪائوٽ“، 11 سالن کان 17 سالن جي عمر وارن نوجوان کي ”بواءِ اسڪائوٽ“ ۽ 17 کان 25 سالن جي عمر وارن کي ”روور اسڪائوٽ“ سڏيو ويندو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اسڪائوٽنگ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.