لارنس آف عربيہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لارنس آف عربيہ

لارنس آف عربيہ جو نالو ٽامس ايڊورڊ لارنس هو. ويلز جي اتر ۾ ٽريمِڊوگ نالي شهر ۾ سنہ 1888ع ۾ ڄائو. هن جو پيءُ آئري نسل مان هو. هن جي ماءُ ڪرستاني مذهب جي تبليغ ڪندي هئي. لارنس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪئي. قد ننڍو هئڻ سبب فوج ۾ ڀرتي نہ ٿي سگهيو. ليڪن عظيمجاسوس ثابت ٿيو. عربن ۽ ترڪن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ ۽ تعصب جي تعليم ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سندس ئي ڪوشش سان ترڪن جي سلطنت عثمانيه جو خاتمو ٿيو.

هن جي مداحن ۾ لارڊ جارج، لارڊ ڪرزن، جارج برنارڊشا ۽ ٿامس هاء ڊي شامل آهن. هي موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ فوت ٿيو.