قومي پارڪ


قومي پارڪ (National Park) هڪ قدرتي پارڪ آهي، جيڪو ان جي بي مثال قومي قدرتي، تاريخي يا ثقافتي اهميت جي ڪري، تحفظ جي مقصدن لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. اها فطري، نيم قدرتي يا ترقي ڏنل زمين جو هڪ علائقو آهي، جيڪو حڪومت جي طرفان محفوظ علائقي طور نامزد ڪيل آهي. جيتوڻيڪ انفرادي ملڪ پنهنجن قومي پارڪن کي مختلف نموني سان ترتيب ڏين ٿا، پر نسلن جي لاء 'جهنگلي فطرت' جو تحفظ ۽ قومي فخر جي علامت طور، ھن مقصد لاء هڪ عام جذبو آهي.[1] قومي پارڪ تقريبا هميشه سياحن لاء کليل رهندا آهن.[2] عام طور، قومي پارڪ قومي حڪومتن پاران منظم ۽ ترقي ڏنا ويندا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه ملڪن ۾ ملڪ جي ذيلي اختيار سان "قومي پارڪ" ذيلي قومي، علائقائي يا مقامي اختيارين جي ذميواري به هجڻ ٿا.
آمريڪا سال 1872ع ۾ "یلو اسٽون نيشنل پارڪ" جی نالی سان پهريون ”عوامي پارڪ يا عوام جي فائدي ۽ لطف اندوزي لاءِ عوامي پارڪ“ قائم ڪيو ويو.[3] جيتوڻيڪ ییلو اسٽون پارڪ سرڪاري طور تي ان جي قائم ڪيل قانون ۾ ”قومي پارڪ“ قرار نه ڏنو ويو، پر ان کي عملي طور تي هميشه ائين سڏيو ويو آھي[4] ۽ وڏي پيماني تي دنيا جو پهريون ۽ پراڻو قومي پارڪ آهي.[5] بهرحال، "ٽوباگو مين رج فاريسٽ ریزرو" جیڪا هاڻ ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو آهي ۽ سال 1776ع ۾ قائم ٿيو)[6] ۽ بوگدخان اول جبل (منگوليا، سال 1778ع) جي ڀرپاسي وارو علائقو، جن کي ڀرپاسي جي زرعي زمين جي حفاظت لاءِ پوکيءَ کان روڪيو ويو هو، قديم ترين قانوني طور تي محفوظ علائقن جي طور تي ڏٺو ويندو آهي.[7] [8] پارڪ ڪينيڊا، جیڪا 19 مئي، 1911ع تي قائم ڪیو ويو، دنيا جو پهرين قومی پارڪ سروس جو ادارو بڻجي ویو.[9]
هڪ بين الاقوامي تنظيم، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) ۽ ان جي ورلڊ ڪميشن آن پروٽيڪيڊ ايرياز (WCPA)، "نيشنل پارڪ" کي ان جي درجي جي دویم (II) قسم جي محفوظ علائقن طور تي بيان ڪيو آهي.[10] تنظیم، IUCN جي مطابق، سڄي دنيا ۾ 6,555 نيشنل پارڪ سال 2006ع ۾ ان جي معيار کي پورا ڪيو. تنظیم IUCN اڃا تائين هڪ قومي پارڪ جي وضاحت جي معيارن تي بحث ڪري رهيو آهي.[11]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Europarc Federation (eds.) 2009, Living Parks, 100 Years of National Parks in Europe, Oekom Verlag, München
- ↑ Gissibl, B., S. Höhler and P. Kupper, 2012, Civilizing Nature, National Parks in Global Historical Perspective, Berghahn, Oxford
- ↑ "Evolution of the Conservation Movement, 1850-1920", American Memory - Library of Congress, اصل کان 23 January 2017 تي آرڪائيو ٿيل۔
- ↑ Report of the Superintendent of Yellowstone National Park for the Year 1872 Error in webarchive template: Check
|url=value. Empty., 43rd Congress, 3rd Session, ex. doc. 35, quoting Department of Interior letter of 10 May 1872, "The reservation so set apart is to be known as the "Yellowstone National Park"." - ↑ "Yellowstone National Park", UNESCO, اصل کان 3 June 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 18 July 2023۔
- ↑ "Tobago Main Ridge Forest Reserve", UNESCO, 17 August 2011, اصل کان 15 August 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 August 2018۔
- ↑ Hardy, U. (9 April 2017), "The 10 Oldest National Parks in the World", The CultureTrip, اصل کان 17 October 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 December 2017۔
- ↑ Bonnett, A. (2016). The Geography of Nostalgia: Global and Local Perspectives on Modernity and Loss. Routledge. p. 68. ISBN 978-1-315-88297-0.
- ↑ Irish, Paul (May 13, 2011). "Parks Canada celebrates a century of discovery". Toronto Star. https://www.thestar.com/travel/northamerica/article/990243--parks-canada-celebrates-a-century-of-discovery.
- ↑ "Category II: National Park", IUCN, 5 February 2016, اصل کان 18 November 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 July 2018۔
- ↑ "History of the National Parks", Association of National Park Authorities, اصل کان 21 April 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 12 November 2012۔