قومي وجود جي اوسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جڏهن انساني سماج ترقي ڪري جاگيرادريءَ مان سرمائيداري ۾ داخل ٿيو ۽ صنعت ۽ تجارت زور وٺڻ شروع ڪيو ته صنعتڪارن، واپارين ۽ مالدار طبقن معيشت تي قبضو ڪري، ان کي جاگيردارن جي چنبن مان ڪڍي سڌو سنئون پنهنجي هٿ هيٺ آندو. جنسن جي پيداوار جاگيردارن جي ننڍين ننڍين مقامي منڊين کي هڪ واحد قومي منڊي ۾ متحد ڪرڻ شروع ڪيو. سرمائيدارانه نظام مقامي حدن کي ٽوڙي عام قومي منڊي تشڪيل ڪئي.

جاگيرداراڻي دور ۾ هڪ ملڪ اندر جاگيردارن طرفان الڳ الڳ قانون لاڳو هئا ۽ ملڪ ڪيترن ننڍن ننڍن ايڪن ۾ ورهايل هو. واپاري رستا نه هجڻ جي برابر ۽ غير محفوظ هئا، ٻيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ واپار ۽ صنعت جا مختلف ماپا ۽ معيار هجڻ سان گڏ جنسن جي قيمتن ۽ واپاري ۽ صنعتي ٽيڪسن ۾ پڻ اڻ برابري هئي. جيڪا ڳالهه صنعت ۽ واپار جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي هئي. ان ڪري سرمائيدارن واپار ۽ صنعت کي ترقي وٺرائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ لاءِ مقامي جاگيرداراڻا قانون رد ڪري، سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي نموني جا واپاري ۽ صنعتي قومي قانون نافذ ڪيا. سڄي ملڪ جي ماڻهن تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ لاءَ هنن هڪ قومي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ شهرن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ واپاري رستا محفوظ ڪرڻ لاءِ پوليس جو انتظام ڪيو. ملڪ جي مڙني حصن کي ڳنڍڻ لاءِ رستن جو ڄار وڇائي اچ وڃ جا ذريعا وڌايا ڪيا، جيئن کين پنهنجو مال هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نيڪال ڪرڻ ۽ زرعي جنسون مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿئي. رستن جي پکيڙ ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻهن وچ ۾ ڳانڍاپا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ منجهن قربت وڌڻ لڳي. اهڙيءَ طرح سرمائيداري جي ترقي سان ملڪي باشندا جاگيردارن جي چنبي مان نڪري، انهن جي پراڻن ڦرلٽ جي طريقن مان جان آجي ڪرائي، سرمائيدارن جي سنئين سڌي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا ۽ سماج ۾ ٻه مکيه طبقا سرمائيدار ۽ مزدور جنم وٺي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا.

سرمائيداري لاڳاپن جي مضبوط ٿيڻ سان، معاشي زندگيءَ جي هڪ جهڙائي وسيع ۽ مضبوط ٿيڻ لڳي ۽ قومي علائقي جي انفرادي حصن جي وچ ۾ رابطو باقاعدي ۽ مضبوط ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جاگيرداراڻي قوميت جي علائقائي ۽ لساني وحدت ۾ معاشي وحدت جو پڻ اضافو ٿيو. ان عمل دوران جاگيرداراڻي قوميت بورجوا قوم ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي.

هڪ جاگرافيائي خطي جا هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هڪ ئي ثقافت جا مالڪ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا، هڪ ٻئي کي سمجهڻ، هڪ ٻئي مان پرائڻ ۽ هڪ ٻئي جي سهائتا لاءِ وڌيڪ گهرا ۽ گهاٽا ٿيا. هنن جي گڏيل سياسي ۽ اقتصادي مفادن منجهن مستحڪم لاڳاپا پيدا ڪيا. سندن قومي ٻڌي ۽ اتحاد مضبوط ٿيو. سرمائيداراڻي دور ۾ وڏن شهرن جي اڀرڻ، رستن جي پکيڙ ۽ معاشي ترقي جي جٽاءَ ڪري ملڪ جي حدن اندر وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي، مزدور طبقو وجود وٺڻ لڳو، جنهن ڪري علائقائي ٻولين جي وچ ۾ سنڌا ختم ٿيڻ لڳا ۽ تحريري ۽ زباني ٻوليءَ جو فرق مٽجي ويو ۽ قومي ٻولي اوسر ڪئي. جنهن ۾ ادب سرجڻ لڳو ۽ تعليم ملڻ لڳي. تعليم ۽ ادب جي ترقي جاگيرداري دور جي اڻجٽاءُ دار علائقائي زبان مان قبيلائي ٻولين جي باقيات کي ختم ڪرڻ شروع ڪيو. اڻ جٽاءُ دار اقليتي ٻولين ملي هڪ قومي ٻولي کي سگهارو ڪيو. جنهن ڪري اها ملڪ جي مڙني رهاڪن لاءَ هڪ جيتري عزيز ٿيڻ لڳي. ٻوليءَ جي جٽآءَ ۽ علائقائي ۽ معاشي اتحاد جاگيرداراڻي قوميت جي ڪلچر کي، بورجوا قومي ڪلچر ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو ملڪ جي مڙني رهواسين مٿان اثر ڇڏڻ لڳو. معاشي ۽ سياسي مفاد هڪ جهڙا هئڻ ڪري، ماڻهن جي وچ ۾ هڪ گڏيل نفسيات تشڪيل وٺڻ شروع ڪيو. جنهن جو اظهار ان قوم جي تاريخي روايتن ۽ رهڻي ڪهڻي مان تهذيبي اتحاد ۽ ٻڌي جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو.

مٿئين سڄي بحث مان نتيجو هي نڪتو ته قومون سرمائيداري دور جون اڻ ٽر پئداوار آهن ۽ انهن جي گهڙت ۽ اڏاوت ۾ تاريخي عملن ۽ تاريخي طاقتن جو دخل هوندو آهي. جيڪي عمل ۽ طاقتون الڳ الڳ نسلن ۽ قبيلن جي ماڻهن کي گڏي هڪ قوم جي صورت ڏينديون آهن ۽ اهي ئي عمل ۽ طاقتون سرمائيداراڻي معيشت ۽ سرمائيداراڻا معاشي رابطا ئي هوندا آهن، جيڪي جاگيرداراڻي دور جي هڪ علائقي ۾ رهندڙن ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙن جي گروهه کي هڪ قوم جي شڪل ڏيندا آهن.

جديد دور ۾ قوم جي وصف ۽ تخيل هيٺين پنجن بنيادن تي ٻڌل آهي. جنهن به انساني گروهه ۾ اهي پنج ئي خاصيتون موجود آهن، اهو گروهه قوم چوائڻ جو اهل آهي:[1]

  1. جاگرافيائي وطن (Jaagiraafiyaaee Watan)
  2. زبان (Zubaan)
  3. تهذيب (Tahzeeb)
  4. قومي ڪردار (Qoumi kirdaar)
  5. گڏيل پيداواري ذريعا (Gaddhiyal paidaawari zareeya)

حوالا[سنواريو]