قومي رياستي سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قومي رياستي سرشتو (Qoumi Riyaasati Sirishto) يا نيشن اسٽيٽ سسٽم (Nation State System) اصل ۾ سياسي زندگيءَ جو سرشتو يا نمونو آهي، جنهن ۾ قومون الڳ الڳ آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي شڪل ۽ مڪمل اختيار رکندي ، مختلف رخن ۽ درجن ۾ هڪٻئي سان وهنوار ۽ واسطي ۾ اينديون آهن . اهي واسطا تعميري ۽ سهڪاري هجڻ سان گڏ تڪراري ۽ ويڙهاند ڀريل به ٿي سگهن ٿا . جيتوڻيڪ عام طرح ’ويسٽفيليائي معاهدي‘ ( 1648ع ) کي هن سرشتي جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو . جيتوڻيڪ ان کان اڳ به دنيا ۾ رياستي سرشتو موجود هو ، پر اهو خودمختيار ۽ آزاد هئڻ بدران وڏين سلطنتن ، بادشاهتن ۽ مذهبي پيشوائن جو ڳيجهو رهندو آيو . بعد ۾ نمائنده حڪومتن جي قيام ، انقلابن جي آمد ، آبادي ءَ ۾ واڌ ، بين الاقوامي قانون ۽ سفارڪاريءَ جي اوسر ، رياستن وچ ۾ وڌندڙ معاشي واسطيدارين ، تڪرارن جي امن ڀريي حل ، مختلف نظرين جي آمد “ فوجي علم ۽ هنر ۾ ٿيل ترقيءَ ۽ اولهه جي ملڪن کان ٻاهر جنم وٺندڙ آزاد رياستن جي ڪري ’قومي رياستي سرشتي‘ ۾ نوان لاڙا آيا . پر هن سرشتي مٿان سڀ کان وڌيڪ اثر ’قوم پرستيءَ‘ جي وڌندڙ نظريي وڌا ، جنهنڪري عام ماڻهوءَ جي رياستي معاملن ۾ دلچسپي وڌي ۽ کين نظرانداز ڪندي رياستي معاملا هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي ويو . ان نظريي جي واڌ سبب وڏيون سلطنتون ڊٺيون ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ اڀار آيو . نئين دور ۾ گڏيل قومن جون 193 رڪن رياستون ’قومي رياستي سرشتي‘ هيٺ ڪاروهنوار هلائي رهيون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد