قوس (جاميٽري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
گول جو سيڪٽر سائي رنگ سان ڏيکاريل ان جي L نشان وارو ونگ وارو حصو قوس سڏبو آهي

قوس (انگريزي: Arc )[1][2] (علامت: ) : ونگ ۾ ٻن نقطن جي وچ ۾ ان ونگ جو لاڳيتو حصو قوس سڏبو آهي[3]. گول ۾ ٻہ نقطا ٻہ قوس ٺاھيندا آھن[3]. جيڪڏهن گول جو دائرو[4] ٻن اڻ برابر حصن ۾ ورھايل ھجي تہ ان جو ننڍو حصو ننڍو قوس ۽ وڏو حصو وڏو قوس سڏبو آهي[3]. اقليدسي جاميٽري ۾ قوس ھڪ ونگ جو نالو آهي جيڪو تفرقي فنڪشن[5]واري ونگ[6] جي لاڳاپيل جاء[7] جو ماتحت سيٽ آھي. ليڪن جا قوس لڪيري حصا[8] يا ريز[9] سڏبا آهن. ونگ جو ھڪ عام مثال آهي گول جو قوس آھي. گولي[10] يا بيضوي گولي[11] جي شڪل ۾ وڏي گول[12] واري ھنڌ کي ان گولي يا بيضوي گولي جو وڏو قوس[13] چوندا آهن.

  1. "Arc | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  2. "Arc word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  3. 3.0 3.1 3.2 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# 18
  4. گول جي چوڌاري ليڪ جنھن کي انگريزي ۾ circumference چوندا آهن
  5. Differentiable Function
  6. Curve
  7. Connected Space
  8. Line Segment
  9. جاميٽري ۾ ٻن نقطن جي وچ واري ليڪ جنھن کي Ray ۽ جمع Rays چوندا آهن
  10. انگريزي ۾ sphere
  11. انگريزي ۾ spheroid
  12. Great Circle
  13. انگريزي ۾ Great Arc