قنطوريون صغير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قنطوريون صغير (فارسي: ڪريون، اردو: قنطوريون، لاطيني: Polycapra Crymbosa) ٻاهرين ملڪ جي پيداوار آهي. ڦودني جئان ٻوٽو ٿئي ٿو، جنهن جا گل نيرا ڳاڙها ۽ ٻج ڪڻڪ جئان ٿين ٿا. ذائقي ۾ تلخ ۽ بوءِ ۾ تيز ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

حيض ۽ پيشاب کي کوليندڙ ۽ بلغم خارج ڪندڙ آهي. بلغمي مواد دستن ذريعي نيڪال ڪري ٿو. جگر جي سختي هن جي ڪم آڻڻ سان لهي وڃي ٿي. هن جي ٻئي قسم کي ”قنطوريون ڪبير“ چيو وڃي ٿو جو به هڪڙي قسم جو گاهه آهي. سندس پن ڏندن سان گول، گل سرمائي ۽ پاڙ ٿلهي وزندار ٿيندي آهي. ذائقي ۾ ٿورو ترش ٿئي ٿو. هي ننڍي کان وڌيڪ مؤثر آهي، بلغمي قولنج ۾ هن جي حقني (Enema) سان سٺو فائدو رسي ٿو. باقي خاصيتون قنطوريون صغير جئان رکندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.