وچون دور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(قرون وسطي کان چوريل)
وچون دور ۾ 450 عيسويءَ ۾ يورپي نقشو

وچون دور يا وچولو دؤر: ميڊيول ايج(Medieval age): مڊل ايج (Middle Age): پنجين کان 15هين صدي تائين يورپي اتهاس جو زمانو کي سڏيو ويندو آهي. وچون دور 776 کان 1500عيسوي تي مشتمل آهي. ھن جي شروعات رومين جي عيسائيت قبول ڪرڻ سان ٿي ۽ ان عرصي ۾ دين ۽ دنيا ۾ فرق وارا خيال مروج ٿيا ۽ چرچ ۽ بادشاھت وچ ۾ ٽڪراء سان يورپ ۾ افراتفري پيدا ٿي وئي جنھن ھڪ طرف اوڀر يورپ ۾ روم جيبازنطيني بادشاھت ۽ اولھ ۾ وري پوپ جي مذھبي رومن ڪيٿولڪ حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. ھن دؤر م وچ اوڀر ۽ اولھ ايشيا ۾ اسلامي مذھبي رياست بہ جنم ورتو جنھن کي خلافت جو نالو ڏنو ويو. تاريخدانن يورپي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهايو آھي جيڪي آھن:

وچون دور کي بہ مورخن وري ٽن حصن ۾ ورهايو آھي:

  1. شروعاتي وچولو دور:
    ھي ڇھين کان ڏھين صدي عيسويءَ وارو دؤر آھي جنھن ۾ اولھ واري مذھبي رومن امپائر جو زوال ٿيو.
  2. عروج وارو دور :
    ھي دور 1000 کان 1250 عيسويءَ وارو دؤر آھي جنھن ۾ يورپ جي شھري آبادين م واڌارو ٿيو.
  3. آخري دور:
    جيڪو 1250 کان 1500 تائين جو دؤر آهي.

حوالا[سنواريو]