قديم سنڌين جو ڌرم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ديوي پوڄا[سنواريو]

مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ديويءَ جا پتلا لڌا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌي ماڻهو ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئا. هن وقت ديويءَ کي امبا، درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا، پر حقيقت ۾ اها بنيادي طاقت يا شڪتي آهي. ڌڻي آهي ”پرش“ ۽ هيءَ آهي ”قدرت“ يا شڪتي، جنهن کي مجسم ڪري قديم سنڌي پوڄيندا هئا. قدرت تي ويچار ڪرڻ سان ئي دل اڏامي قادر ڏي وڃي ٿي ۽ روحاني معرفت حاصل ٿئي، تنهنڪري هن قسم جي پوڄا مان قديم سنڌين جي ڌرمي خيالن ۽ عقيدن جو پوريءَ ريت پتو پوي ٿو.

شو جي پوڄا[سنواريو]

ماتا جي مورتيءَ کان سواءِ هڪ مرد ديوتا جي به شڪل لڌي آهي. سرجان مارشل جي راءِ موجب اها مورتي شو ڀڳوان جي آهي، جو يوگ آسڻ ۾ ويٺو آهي. هتان شو جا لنگ به لڌا آهن، جنهنڪري هيڪاري يقين ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شو ۽ شڪتيءَ جي پوڄا جو رواج نهايت قديم آهي.

وڻن جي پوڄا[سنواريو]

ڪيترين مهرن تي جيڪي شڪليون اڪريل آهن، تن مان ظاهر آهي ته قديم سنڌي ماڻهو پپر ۽ ٻين وڻن جي به پوڄا ڪندا هئا. اها پوڄا ٻن قسمن جي هوندي هئي. هڪ قسم هيءُ هو ته خود وڻ کي پوڄيندا هئا، ٻيو قسم هيءُ هو ته وڻن ٽڻن جي ديوتا کي مجسم ڪري اُن جي پوڄا ڪندا هئا.

جانورن جي پوڄا[سنواريو]

مهن جي دڙي مان ڪيترن جانورن جهڙوڪ هڪ سڱي جانور ۽ ٿوهي سان ڍڳي جون تصويرون به هٿ آيون آهن. قديم زماني ۾ مصر ملڪ ۾ هڪ سڱي جانور (Unicorn) پوڄڻ جو رواج هو ۽ اهو هندستان جو جانور ليکيو ويندو هو. وشنو ڀڳوان کي ”ايک شرنگ“ يعني هڪ سڱ وارو سڏيندا آهن. ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا جو شو ڀڳوان جي پوڄا سان واسطو سمجهڻ ۾ اچي ٿو. شو ڀڳوان جي سواري ڍڳي تي چئي ويندي آهي، تنهنڪري شو جا پوڄاري اڄ تائين ڍڳي جي پوڄا ڪندا آهن.

پاڻيءَ جي پوڄا[سنواريو]

مهن جي دڙي ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن گهر مان کوهه لڌو آهي. انهن کوهن کانسواءِ عام خلق لاءِ ڌار کوهه هئا. سنان جي ڪوٺي به هر هڪ گهر ۾ آهي، ۽ هڪ وڏو تلاءُ به لڌو. هن مان سمجهجي ٿو ته قديم سنڌين کي جڳت مڳت جو خيال هو ۽ سنان پاڻي ڪرڻ هڪ ڌرمي ڳالهه ڪري ليکيندا هئا. اڄ به هندو سنان پاڻي ڪري پوءِ روٽي کائيندا آهن. آڳاٽي زماني کان وٺي هندن جو اهو نيم هليو اچي، درياهه جي پوڄا به شايد ڪن ڪسابن جي آهي. [1] [2]


حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي