قديمي ڪميونزم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بينڊجيلي شڪاري گوشت جي ورھاست ڪندي

اوائلي اشتراڪي دور يا قديمي ڪميونزم (انگريزي: Ancient Communism)ابتدائي ڪميونزم جي انهن مثالن مان ڪنهن ”سونهري دؤر“ جي تاريخ يا ان جي ختم ٿي وڃڻ جو ماتم ڪرڻ نه هو، پر اهو ٻڌائڻ هو ته گذر جي شين کي رلي ملي پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ انهن کي ضرورت موجب پاڻ ۾ ورهائڻ ڪو نئون يا عجب جهڙو طريقو نه آهي. حقيقت ۾ انسان جي سماجي زندگيءَ جي شروعات ايئن ٿي ۽ لکين سال انهيءَ راهه تي هلندي رهي. مطلب ته پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيتَ ڪو ابدي، اٽل يا مقدس حياتيءَ جو قانون نه آهي، پر ان جو رواج به سماجي ضرورتن هيٺ سماجي ارتقا جي هڪ مخصوص دؤر ۾ ٿيو. سبب اهو هو ته ابتدائي ڪميونزم ۾ ڪم ورڇيندڙ (تقسيم ڪار) جي گنجائش بيحد محدود هئي. ڪم ورڇيندڙ جي کوٽ جي ڪري پيداوار ۾ واڌارو ممڪن نه هو ۽ نه ئي ماڻهن جون وڌندڙ گهرجون پوريون ٿي پئي سگهيون. سماجي ترقيءَ جي گهرجن ڪم جي ورهاست جي ريت وڌي ۽ ڪم جي ورهاست ڪري ذاتي ملڪيت جنم ورتو. قديم رعيتي راڄ ۾ جيڪي تضاد ظاهر ٿيا، انهن جو اڪيلو حل اهو ئي هو ته پيداواري وسيلا ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿي وڃن، پر ذاتي ملڪيت اندر هاڻي تضاد ايترا گهرا ۽ تيز ٿي ويا آهن، جو سماج کي نئين سوشلسٽ راهه تي قائم ڪرڻ کان سواءِ انسان نه انهن اندروني تضادن کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهي ٿو. [1] سماج جي ابتدائي ترين مرحلن ۾ ھي ته ڪونه ھوندو ھو ته ماڻھو فيڪٽرين ۾ وڃي ڪري شيون ٺاھيندا ھوندا جيڪي انھن لاءِ ڪارآمد نه ھيون، پر جن جر بدلي ۾ ھفتي جي آخر ۾ انھن کي اھڙا رنگين ڪاغذ ڏنا وڃن جن کي ٻيا ماڻھو کائڻ ۽ ڪپڙن وغيره جي بدلي اسانيءَ سان قبول ڪرڻ تي تيار ھئا، جن جي انھن کي ضرورت ھوندي ھئي. ان طرح جون ڳالھيون ته اسان جي وڏن جي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھيون ۽ نه ئي پري جديد معاشري جون ڪيتريون ئي خصوصيتون موجود ھيون جن کي اسين فطرتي طور تي موجود سماج جو حصو سمجھندا آھيون. ڪھڙي سوشلسٽ ھيءَ دليل ناھي ٻڌي ته ”ماڻھو پنھنجي لالچ ۽ ڇنڻ کسڻ جي خواھشن جا غلام آھن، اوھان سوشلزم نٿا آڻي سگھو، ڇو ته اوھان انساني فطرت کي تبديل نٿا ڪري سگھو“. جڏھن ته حقيقت ته ھي آھي ته اسان جي سماج کي طبقن ۾ ورھي اڃان 10,000 سال کان وڌيڪ جو عرصو به ناھي گذريو، جيڪو ھن ڌرتيءَ تي انساني نسل جي موجودگيءَ جي عرصي جو رڳو سئون حصو (ھڪ فيصد) آھي. باقي 99 فيصد عرصي ۾ ڪنھن قسم جي طبقاتي سماج جو وجود ئي نه ھو، نه ته ڪنھن قسم جي عدم مساوات مسلط ھئي، نه ئي ڪائي رياست ھئي ۽ نه ئي جديد دور جي معنائن ۾ ڪوئي خاندان. ان جو سبب ھي ناھي ته پراڻا ماڻھو اسان کان وڌيڪ متقي ۽ پرھيزگار ھئا، پر پيداواري رشتن ھڪ مختلف قسم جي معاشري جي تشڪيل ڪئي ھئي، جنھن سبب انساني فطرت به ڪجھ ٻي ھئي. وجود شعور کي شمار ڪندو آھي ۽ جيڪڏھن ماڻھن جو سماجي وجود الڳ آھي، جيڪڏھن اھو سماج جنھن ۾ اھي رھندا آھن ته انھن جي سوچ به مختلف ھوندي. قديمي معاشري جو بنياد خوراڪ گڏ ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ تي ھو. رڳو ھڪ ئي قسم جي محنت جي ورھاست موجود ھئي، اھا مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ھئي،اھا به ڪلي طور تي فطرتي حياتياتي بنيادن تي ھئي، ڇو ته عورتن تي تمام گھڻو وقت ننڍن ٻارن جي پرورش جو بار ھو. مرد شڪار ڪرڻ ويندا ھئا ته اُھي پوئيان ساڳ پٽ ۽ کائڻ پيئڻ جون سبزيون وغيره گڏ ڪنديون ھيون. ان ريت پيداوار ۾ ٻنھي جنسن ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو. قبيلن جو مطالعو ڪندي ۽ انھن تي ڪيل تحقيق جي بنياد تي، جئين ته ڪالا ھاري ريگستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ڪا ڪنگ قبيلا (جيڪي اڃان تائين قديمي ڪميونزم جي حالت ۾ رھي رھيا آھن) ھي اندازو لڳايو ويو آھي ته خوراڪ جي فراھميءَ ۾ عورت جو حصو مرد جي نسبت وڌيڪ اھميت جوڳو رھيو آھي. ھي سڄا قبائلي سماج ھڪ جھڙي خاصيتن جا حامل ھئا. شڪار گاھون قبيلي جي گڏيل ملڪيت طور ورتيون وينديون ھيون. اھي ماڻھو لالچي يا خودغرض ٿي به ڪئينءَ سگھندا ھئا جڏھن ته شڪار پاڻ ھڪ گڏيل ڪم آھي؟ صفي ھستيءَ کان مٽجي وڃڻ جو يقيني خطرو اسان کي اشتراڪ طرف وٺي ويندو آھي. مثال طور؛ مئل دريائي گھوڙي کي پنھنجي ساٿين کان لڪائڻ سٺو نٿو ٿي سگھي، ان کان اڳ جو اوھان ان کي کائي سگھو، اھو سڙي ويندو ۽ اھڙا موقعا لازمي ۽ ھر ھر اچي سگھن ٿا جڏھن اوھان مصيبت ۾ ھجو ۽ قبيلي جي ٻين ماڻھن وٽ ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ موجود ھجي. اھا ئي ڳالھ سولي لڳي ٿي ته ورھاست ڪئي وڃي ھڪ جيترو ورھايو وڃي. نجي ملڪيت ذاتي ھٿيارن ۽ اوزارن جي حد تائين موجود ھئي، پر ھڪ ٻئي کان بلڪل الڳ الڳ قبائلي معاشرن ۾ به ھڪ اصول بھرحال گڏيل يا ھڪجھڙو ھو ته اھي ماڻھو شين جي عدم مساواتي اجماع کان بچڻ خاطر انھن جي مالڪ جي جسم سان گڏ ئي ساڙي ڇڏيندا يا دفن ڪري ڇڏيندا ھئا.ايستائين جو انھن قبيلن ۾ زراعت جي شروعات کان پوءِ به زمين جي ھڪ لڳاتار برابر ورھاست موجود رھي، ان قدر طاقتور ھئا قديمي ڪميونزم جا قاعدا ۽ قانون. روم جي ليکڪ ”ٽيسي ٽس“ جرمن قبيلن ۾ ان طرح جي رواجن جو ذڪر ڪيو آھي. ان طرح جي معاشرن ۾ عورت کي وڏو مقام حاصل ھو. اھي قبيلي جي دولت ۾ گھٽ ۾ گھٽ برابر حصو ضرور وجھنديون ھيون. انھن الڳ قسم جون مھارتون حاصل ڪيون ھيون. ائين لڳي ٿو ته ظرووف سازي عورتن ايجاد ڪئي، پر ائين چئون ته عورت ئي ذراعت جي ڳولھا ۾ حتمي طور فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو. رياست جھڙن ادارن جي ڪائي ضرورت ڪانه ھئي ڇو ته سماج ۾ قوت پيدا ڪرڻ وارن بنيادي متحارب طبقاتي مفادن جو ڪٿي به وجود ئي ڪانه ھو. انفرادي جھڳڙا قبيلي جي اندر ئي نمٽايا ويندا ھئا. قبيلي جا وڏا پوڙھا، جن وٽ تجربو ھوندو ھو، لازمي طور تي قبيلي جي فيصلي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا ھئا. اھي ماڻھو سردار ھئا پر بادشاھ نه ھئا. انھن جا اختيار جيڪڏھن مڃيا وڃن ته ٺيڪ نه ته ڏاڍ نه ھو. ايستائين جو ٽئين صدي عيسويءَ جي آخر تائين (جڏھن ته وقت جي مناسبت سان ھي مشڪوڪ نظر اچي ٿو) اٿانارڪ، ھڪ جرمن قبيلي، ”ويزي گوٽ“ جي سردار چيو ھو ته ”مون وٽ اختيار آھي، طاقت ڪونھي“ معاشري ارتقا ڪئي، ڇو ته ائين ڪرڻو پيو. آفريڪا جي گرم ترين خطن تي جنھن ۾ آبادي، انساني زندگيءَ لاءِ نامناسب حصن کي ڀريندي ڦھلجندي وئي. ماڻھن وٽ به رستا ھئا يا ته پنھنجي سوچ ۽ محنت جي طاقت جو استعمال ڪندي ارتقا ڪن يا وري ختم ٿي وڃن. اصل ۾ زمين جي ڪاشتڪاريءَ جي ذريعي ساڳ پٽ جو يقيني طور تي ھٿ ۾ اچي وڃڻ فروٽ ۽ خشڪ ميوا وغيره گڏ ڪرڻ ھڪ وک اڳتي ھئا. شڪار کان ڪاشتڪاريءَ طرف ھڪ اھڙي وک ھئي جڏھن جانورن کي پڪڙيو وڃڻ لڳو. قبائلي قدرون ان ريت ئي برقرار رھيون.

ڪارل مارڪس جنھن پنھنجي دوست فلاسافر فريڊرڪ اينگلز سان گڏجي سماجي ارتقا جي تاريخي ماديت جو تصور ڏنو

زراعت جي ابتدا سان ڪميونسٽ سماج جو خاتمو[سنواريو]

زراعت انساني نسل جي تاريخ جو پھريون عظيم انقلاب ھوجنھن کي نيو ليٿڪ انقلاب چيو ويندو آھي. اناج کي چونڊيو ۽ پوکيو ويو۽ زمين ۾ ڇڪڻ وارن جانورن جي مدد سان ھر ھلايو وڃڻ لڳو. پھريون دفعو ھڪ وڌيڪ پيداوار ( (Surplus Production وڏي پئماني تي ٺھي چڪي ھئي جيڪا پورھيتن جي ضرورتن کان ڪيترو ئي وڌيڪ ھئي. اھا ته صاف ظاھر آھي ته قديمي ڪميونزم ۾ انھيءَ نڪمي ۽ ناڪاره طبقي جي گنجائش ڪٿي به نه نڪرندي ھئي جٿي ماڻھو پنھنجون ضرورتون وڏي مشڪل سان پوريون ڪندا ھئا اتي ڪنھن کي غلام بڻائڻ جو سوال ئي نه ٿو ٿي سگھي. بھرحال اڃان (نيو ليٿڪ انقلاب) کان پوءِ ڪجھ ماڻھن جو ڪم نه ڪرڻ ممڪن ٿي ويو ھو، پر اڃان انسانيت ان قابل نه ٿي سگھي ھئي ته ھر ڪوئي اھڙي زندگي گذاري سگھي. اھا ئي اھا بنياد ھئي جنھن تي طبقاتي معاشرو اڀريو، معاشرا قابض ۽ پورھيت طبقي جي وچ ۾ ورھائجي ويا. زمانن کان طبقاتي ڪشمڪش ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پورھيت جي پيدا ڪيل وڌيڪ پيداوار تي قبضي جي ڪشمڪش رھيو آھي. اھو طريقو جنھن سان ھيءَ پيداوار حاصل ڪئي وئي ھئي، کسيو ويو، ھي مختلف پيداواري خاصيتن تي ڀاڙيندو ھو جيڪو ذراعت جي عطا ھو. ھن تبديليءَ سماج کي ھڪدم تبديل ڪري ڇڏڻ جي بنياد ڏني . قبائلي قدرون وڏي مشڪل سان ختم ٿيون. پھريون پھريون زمين جي ورھاست برابر ڪئي وئي. اڃان تائين ته جاگيرداري يورپ جي ڪجھ علائقن جي ڳوٺاڻي آبادين ۾ قديمي ڪميونزم جي ذريعي زمينن جي ھرھر ورھاست جون روايتون ھڪ تبديل ٿيل شڪل ۾ جاري آھن. پر شڪار جي ابتڙ ، ذراعت ھڪ انفرادي ڪم ھو. اوھان وڌيڪ محنت ڪري وڏيڪ پئداوار حاصل ڪري سگھو پيا، ۽ جڏھن ھر ڪوئي بقا جي چؤنٺ تي زندگي گذاري رھيو ھجي ته ان ڳالھ جي اھميت الاھي وڌيڪ ٿي ويندي آھي، ۽ ان تي ذرعي انقلاب جنھن ڇڪائيءَ جي جانورن جي مدد سان ھر ھلايو ويندو ھو، جيڪو بنيادي طور تي مردن جو ڪم ھو. ان عورت کي مجبور ڪيو ته اھا ھاڻي ڪچي مال تي ڪم ڪري جيڪو ان کي مرد فراھم ڪندو، پيداوار جي ڪردار جي ھيءَ اھا محرومي ھئي جنھن عورت ذات کي تاريخي شڪست جو منھن ڏيکاريو. مرد چاھيندا ھئا ته پنھنجي غير مساوياڻي ملڪيت ھڪ نر وارث کي منتقل ڪن. قديمي ڪميونسٽ سماج ۾ نسل عورت جي نسبت سان ھلندو ھو (تڏھن وراثت غير اھم ھئي) ھاڻي مرد جي نسبت سان وراثت ھلڻ لڳي. ان ڳالھ جو علم ناھي ته طبقاتي سماج ڪئينءَ وجود ۾ آيو، پر اسين ھن ڪھاڻيءَ کي انھن شاھدين جي ٽڪڙن جي مدد سان جوڙي سگھون ٿا جيڪي اسان کي ميسر آھن. اسين ان عمل کي انقلاب چوندا آھيون، ۽ اھوئي لفظ ان جو معقول ترين استھفام آھي. پر اسان کي ھي ياد رکڻ گھرجي ته مختلف قسمن جي معاشرن ۾، نئين قسمن جي مڪمل طور تي پراڻين قسمن جي جاءِ وٺڻ کان اڳ لازمي طور تي پراڻين قسمن جي جاءِ وٺڻ کان اڳ لازمي طور تي ٿي سگھي ٿو ھزارن سالن جي عبوري شڪلن ۾ تبديليون ظاھر ھونديون ھجن. انساني ترقيءَ جي پيش رفت ھڪجھڙي طور تي ته ٿي ھئي ھيءَ ھڪ مشترڪ ۽ ناھموار ارتقا جي اصول ھيٺ ٿي. ھي استوائي آفريڪا جا ماڻھو نه ھئا پر گرم علائقن جا (غالباً اولھ جي ويجھو) ماڻھو ھئا جيڪي ذراعت جي اپنائڻ جي لاءِ سڀ کان پھريون مجبور ٿيا ھئا. پنھنجي شروعات ۾ ذراعت يقينا گھڻي شروعاتي نوعيت جي ھئي، جيڪي غالباً جھنگن ڪٽڻ ۽ ساڙڻ کان ذرعي مايدان حاصل ڪرڻ تي مشتمل ھئي. ان جو مطلب ھو ته قبيلو سدائين حرڪت ۾ رھندو ھو، ڇو ته صاف ڪيل زمين صرف ڪجھ سالن لاءِ ئي فصل ڏيندي ۽ وري پيداوار گھٽ ڪري ڇڏيندي. ان ريت قبائلي معاشرو قائم ته رھيو پر ان ۾ تبديليون اينديون ويون. ٽيسي ٽس پنھنجي وقت جي جرمن قبيلن جي فوجي جمھوريت جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ ھڪ جنگي سردار جي ھڪ آئين، بزرگن جي ڪائونسلن ۽ جنگجوئن جي مجلس جو ذڪر آھي. عورتون ھاڻي ان جمھوري حق کان محروم ڪيون ويون ھيون. ارتقا جي ھن مرحلي تي قبيلي جي ھاڻي ھيءَ خاصيت ھئي. جڏھن ته مجلس (پنھنجا نيزا پنھنجي چيلھن تي وڄائي ڪري) سڀني فيصلن کي مڃي ۽ رد ڪري سگھندي ھئي، وري به اسين جنگي سردار جي شڪل ۾ بادشاھ ۽ بزرگن جي ڪائونسل ۾ ھڪ حڪمران اشرافيه جي شروعاتي شڪل ڏسي سگھون ٿا. روم جا حڪمران سينٽ (پوڙھا ماڻھو) ۾ گڏ ٿي ويو ۽ اينگلو سيڪسن بادشاه کي ھڪ وٽان (عقلمند ماڻھن جي جماعت) مشورو ڏيندي ھئي، ھي ٻئي ھڪ جمھوري قبيلي جي آئين جون باقيت ھيون جيڪي پنھنجي تضاد ۾ تبديل ٿي ويون. ھاڻي جرمن قبيلا جنگ ۾ گڏ ٿي ويا ڇو ته ھڪ وڌيڪ پيداوار موجود ھئي، انڪري ھيءَ غير محفوظ ھئي،جيڪڏھن ھن جو دفاع نه ڪيو وڃي ھا ته کسجي وڃي ھا. بشريات جي ماھرن جھڙوڪ ليڪيءَ جي ثابت ڪري ٿي ته ڊيسمونڊ موريس (اگھاڙو بن مانس) ۽ رابرٽ آرڊري (شڪاري مفروضو) جئين لکڻين جي نقطه نظر جي ابتڙ انسان موروثي طور تي جارح فطرت جو حامل ناھي. ھي صحيح آھي ته قديمي ڪميونسٽ معاشرن ۾ به ويڙھيون ٿيون، مثال طور: شڪاري شڪارگاھن تي، پر جنگيون تاريخ جي ھڪ طئي ٿيل ۽ باقاعده صورت ۾ رڳو ان مرحلي تي شروع ٿيون جڏھن ڪجھ اھڙو موجود ھو جنھن تي وڙھي سگھجي. اسان ذراعت جي ڳالھ ڪئي آھي ته سماج لاءِ اھڙي کوجنا وانگر آئي جنھن ۾ ضرورت کان وڌيڪ پيداوار پيدا ڪئي ويندي ھئي. حقيقت ۾ محنت جي اضافت ۾ ثيڻ واري ترقيءَ ذراعت جي ذريعي ھڪ جامع محنت جي ورھاست کي ممڪن بڻايو. ماڻھو پنھنجي ھٿن سان ٻين شين جي پيدا ڪرڻ خاطر استعمال ڪري سگھندا ھئا.انڪري ذرعي انقلاب (جھڙوڪ برتن شازي (ٿانو ٺاھڻ) ۽ ڌات سازي) ۾ ۽ ان سان گڏوگڏ سڄن سماجي ڍانچن ۾ پاڻ سان گڏ جڙيل انقلاب کڻي آيو. مختلف قبائلي ماڻھن ۽ ان سان گڏ قبيلن جي اندر به عدم مساوات پيدا ٿي وئي. جغرافيائي ۽ ٻين سببن ڪجھ قبيلا گله باني (ميھارڪي) ۽ ڪجھ مڇيون وغيره پڪڙڻ طرف ٿي ويا. جئين جئين ذرعي ماڻھن پنھنجي وڌيڪ پيداوار جي حفاظت جي لاءِ ڳوٺن جي چوڌاري قلعي بند ٿي رھڻ ڊروع ڪيو (پر ائين چوڻ گھرجي ته وڌيڪ پيداوار انھن مان ڪجھ کي پنھنجي حفاظت ۾ لڳايو) انھن ميھارن ۽ مڇيون پڪڙڻ وارن ماڻھن شين جي تبادلي جي ڪم تي قبضو ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ تبادلو، قبيله جيڪي پنھنجي سفر دوران ملندا ھئا، جي وچ ۾ ھڪ بي ضابطه عمل ھو. ھاڻي ھي باقاعده ھڪ ضروري عمل بڻجي ويو ھو. ڌات يقيناً اھم تجارتي شين مان ھئي. يھودي ميھار ماڻھن مان معروف ترين ھئا (بائيبل ۾ سدائين ابراھيم جي دولت پالتو جانورن جي صورت ۾ ناپي ويندي آھي). جنھن مصري ۽ ميڊي ٽيرين تھذيبن جي وچ ۾ تاجر جيان ارتقا ڪئي. تجارت جي ارتقا قبيلن جي وچ ۾ روايتي تحفن جي ڏي وٺ کان ٿيو. ڀلا تحفي جي قدر جو پئمانو ڪھڙو ھو؟ جئين ئي ماڻھن ۾ ان خيال جي ڪائي واضع شڪل ٺھي ھوندي ته ورتل تحفي جي تياريءَ ۾ وقت گھڻو لڳو ھوندو، انھن تحفي ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ وڌيڪ محنت سان تيار ٿيل شيون ڏئي ڪري فياضيءَ ۾ مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي. جئين جئين تجارت ۾ باقاعدگي ايندي وئي فطري طور تي ان جو احساس به وڌندو ويو ته ڪوئي عالمگير بدل ھئڻ گھرجي، ڪائي اھڙي شيءِ جيڪا تجارت ۾ باآسانيءَ سان مبادلي (ڏي وٺ) طور استعمال ٿي سگھي ۽ جئين ھر ڪوئي قدر کي ماپڻ طور عمومي پئمانو قبول ڪري ڇڏي. سڀ کان اڳ ھيءَ ضرورت مويشي (پالتو جانورن) ذريعي پوري ڪئي وئي. لاطيني زبان جو لفظ ”پيڪونيا“ جنھن جو مطلب پئسو آھي، ”پئڪس“ يعني مويشي (پالتو جانور) مان ڪڍيو ويو آھي پنجابيءَ جو پشو يعني مويشي به پئسي سان ملندڙ جلندڙ آھي، ھونءَ پنجابي ۽ سنڌي ماڻھو پنھنجن ڍورن ڍڳن کي عام طور تي مال به چوندا آھن جيڪو دولت ۽ پالتو جانورن ٻنھي جي معني ڏيندو آھي. ان کان پوءِ ان کي ڌاتي ڍلن ذريعي آسانيءَ سان پورو ڪيو ويو جنھن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ تجارت ٿي، ان تي وزن جي ضمانت جي لاءِ سلطانن جي مُھر ٿا ٺپو ھنيو ويندو ھو. روايتي تحفه عام طور تي سردار کي قبيلي جي نمائندي ھئڻ سبب ڏنا ويندا ھوندا. جئين جئين معاشرو وڌيڪ دولتمند ٿيو، سردار ھئڻ وڌيڪ اھميت جوڳو ٿي ويو. سردار جو گھر ڳوٺ ۾ ھڪ شروعاتي منڊي بڻجي ويو. نيڪي بدي ڪرڻ لاءِ ڌات سازيءَ انسان جي ھڪ ھڪ ھيبت ناڪ طاقت ٿمائي ڇڏي. خاص ڪري ٽامو ۽ ٽين ڪمياب ھيون. انھن نون معاشرن جي پھرين ضرورت پنھنجي انھن زندگيءَ جي معاشرن جو تحفظ ھو جن جي انھن تعمير ڪئي ھئي. قدرتي طور تي سردار کي ويڙھاڪ ھئڻ سبب جنگي حڪمتِ عملي ۾ ڪم اچڻ وارن سامانن سان فاعدو وٺڻ واروسڀ کان معتبر ماڻھو ھئڻ گھرجي ھا. ان ڳالھ جا منطقي نتيجا قديم يوناني شاعر ھومر جي ڪھاڻين ۾ نظر ايندا آھن. ھُو ٻڌائيندو آھي ته ٽرائي جو شھر ھڪ اھڙي يوناني فوجي اشرافيه جي حفاظت ۾ ھو جيڪو ڪانسي جي زرھن سان ٺھيل ھو. ھُو اھو ناھي ٻڌائيندو ته وڌيڪ فوج عام سپاھين تي مشتمل ھئي جيڪي رڳو پٿر جي انّي وارن نيزن سان مسلح ھئي ۽ اھائي سپھ (پوليس) گھڻو ڪري وڙھڻ ۽ مارڻ جو ڪم ڪندي ھئي. صاف واضع آھي ته انھن کي ادبي لطافت جو موضوع بڻجڻ جو ”سزاوار“ نه سمجھيو ويو ھو. ھومر جي پراڻين ڪھاڻين ۾ ھڪ اھڙي سماج جي شبيھ ڇڪيل آھي جٿي قديمي ڪميونزم کي قبائلي سردارن جي جنگين ۽ لٽ مار سان ڀريل زندگيءَ کي پري ڌڪي ڪري ارتقا پذير ٿيندي اشرافيه ۽ بادشاھن جا لاھا چاڙھا ٺاھي ڇڏيا. ھاڻي ھڪ حڪمران طبقو پُراثر ۽ مسلح طاقت جي اجاريداريءَ جو مالڪ ھو. ان ريت قبائلي سماج جي ارتقا غير طبقاتي مساوات جو خاتمو ڪندي پنھنجي قبر کوٽڻ وارا پاڻ ٺاھيا. اتفاق سان ، جرمن ساگا به جرمن قبائلي سماج جي خاتمي مان ان جي ئي ملندڙ جلندڙ شڪل جي مرحلي ۾ اڀريا. انھن جي ”سورمائي دور“ به انھيءَ جھڙيون فني بنترون پيدا ڪيون (جھڙوڪ رزميه شاعري) ۽ ايستائين ته اھڙو ئي خدائي نظام جڏھن ته قديم يونان ۾ پيداوار جي ارتقا جي مطابقت ۾ انھيءَ جھڙي مرحلي ۾ ھو. ھومر جي بيان ڪيل ٽين جي دور جو ڊورين يورشون صفايو ڪري ڇڏيو.مغربي يورپ جي تاريڪ دور جي برابر واري عرصي، يعني لکين سالن تائين تاريخي رڪارڊ مرده ٿي ويا. پر حملو ڪندڙ پاڻ سان گڏ ڪجھ نئون به کڻي آيا ھئا ۽ ھي ھو لوھ، ٽئين دنيا جي مقابلي ۾ وڌيڪ ملندو ھو. ھومر جو حڪمران طبقو ان کي عام جنتا کي مسلح ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ئي نه سگھندو ھو، ائين ڪرڻ سان انھن کي پنھنجي فوج اجاريداري، جيڪا انھن جي سماجي طاقت جي بنياد ھئي، کان محروم ڪري ھا، انڪري ھُو حملو ڪندڙ اڳيان واريءَ جي ڀت ثابت ٿيا جيڪي اڃان تائين قبائلي ھئا. حملو ڪندڙن جو سماج طبقاتي ڪونه ھو. انڪري انھن سڀني لوھ جا ھٿيار استعمل ڪيا ۽ پنھنجي وقت ۾ ناقابلِ شڪست رھيا. ڪيترائي ڀيرا انساني نسل کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجھ قدم پوئتي وڃڻو پوندو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. [1]. ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ:سبط حسن