قاضي اسلم اڪبر
ناميارو صحافي محمد اسلم نامياري سياستدان قاضي محمد اڪبر جو پٽ آهي، هو حيدرآباد ۾ ڄائو، سندس -تعليم- ايم. اي (معاشيات) آهي، -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد هن بينڪنگ شعبي ۾ دوها (قطر) ۽ لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1976ع کان وٺي صحافتي پيشي سان وابسته آهي، پهريان روزانه ”سنڌ نيوز“ ۽ -انگريزي- -اخبار- ”سنڌ آبرزروَر“ جو -ايڊيٽر- رهيو. بعد ۾ روزاني ڪاوش، 1990ع ۾ -جاري- ڪيائين، جيڪا هن وقت سڄي سنڌ ۾ مقبول -اخبار- آهي. قاضي اسلم هن وقت ڪاوش جو چيف -ايڊيٽر- آهي. اسلم قاضي پنهنجي ٻن ڀائرن محمد ايوب قاضي ۽ محمد علي قاضيءَ سان گڏ روزانه ”ڪاوش“ ۽ -ان- گروپ تحت نڪرندڙ اخبارن ”روزانه ڪوشش“، ”روزانه شام“، پهريون سنڌي ٽي وي چئنل ”ڪي ٽي اين“ ۽ تفريحي سنڌي چئنل ”ڪشش“ جو مالڪ آهي. سندس گروپ ميڊيا جي دنيا ۾ سنڌي، -اردو- ۽ -انگريزي- اخبارن، سنڌيءَ ۾ ڊائجسٽ ۽ ڪتاب -جاري- ڪرڻ جا مختلف تجربا ڪيا. سندس -ڀاءُ- علي قاضي -ايڊيٽر- آهي. جيڪو پڻ سٺو تجزيا نگار ۽ ليکڪ آهي. -اسلم اڪبر قاضي- ڪيترائي پرڏيهي دورا پڻ ڪيا آهن. هو هن وقت ”آل -پاڪستان- نيوز پيپرس سوسائٽي“ (A.P.N.S) جو سيڪريٽري جنرل آهي، -ان- کان اڳ هوُ -ان- جي ايگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جو به ڪيترا ڀيرا ميمبر رهيو آهي. -ان- کان سواءِ هو پي. بي. اي -پاڪستان- براڊ ڪاسٽرس ائسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين به آهي.[1]