فڪري مضمون
فڪري مضمون (Reflexive essays) اھي مضمون آھن ۾ فڪري خيالات سمايل هوندا آهن، جن جو موضوع سماجي، سياسي، گهريلو معاملن ۽ ڪنھن پھاڪي، قول جي تشريح، ڪنھن مسئلي جي اظھارَ، ڪنھن خيال، راءِ وغيره تي بحث اچي وڃي ٿو. هنن مضمونن ۾ اخلاقيات جا موضوع بہ اچي وڃن ٿا. خاص طور هيٺيان عنوان اچي وڃن ٿا: پھاڪن ۽ چوڻين وارا مضمون (Quotational essays): جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي، ٻہ تہ ٻارنهن، تتي ٿڌي ڪاھ، ڏک سکن جي سونهن وغيره. اهڙا موضوع جن جي باري ۾ صحيح ۽ درست معلومات موجود هجي، مثال طور شاگرد اسڪائوٽ تحريڪ، هوا بازي جي تاريخ ۽ تحريڪ، ملڪي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، اخبارن پڙهڻ جا فائدا. اهڙا موضوع جن ۾ صرف بحث هجي، مثال طور گڏيل تعليم، سائنس جو مقصد، جمھوريت، وطن جي حب. اهڙا موضوع جن ۾ وضاحت ضروري هجي. مثال طور ايمانداري هڪ سٺي حڪمت عملي آهي، بدعنواني، ايمانداري، سچ وغيره. اهڙا موضوع جن لاءِ ڪنھن خاص علم جي ضرورت نہ هجي. مثال طور موسيقي، غربت، اميري، ثابت قدمي وغيره.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.