مواد ڏانھن هلو

فريدا ائريني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فريدا ائريني
ائرئاني, c. 1960
پيدائشفريدا ٿينو
24 نومبر 1938
بندونگ, اوله جاوا, ڊچ ايسٽ انڊيز
وفات15 آڪٽوبر 1977(1977-10-15) (عمر 38 سال)
جڪارتا, انڊونيشيا
قوميتانڊونيشيائي
پيشواداڪارا، ڳائڻي

'''فريدا ٿينو''' (نومبر 24، 1938 –  آڪٽوبر 15، 1977)، بهتر طور تي سندس اسٽيج  نالو فينادا ائرينڊي سان سڃاتي ويندڙ، انڊونيشيا جي  هڪ  اداڪارا ۽ ڳائڻي هئي.[1]

سوانح عُمري

[سنواريو]

فريدا ائريني نومبر 24، 1938ع تي باندنگ، اولهه جاوا ۾  فريدا ٿينو نالي سان پيدا ٿي. هن جونيئر هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي. هن 1955ع ۾  پنهنجي  پهرئين فلم جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ گولڊن ايروز قاسب ابي (هڪ ماءٌ جي محبت) ۾ سينئر جو ڪردار کڻيو، هن کي ان فلم ۾ فريدا شنگنيارتي اعتبار طور ڄاڻايو ويو. ان مرحلي کانپوءِ هن کي صرف فريدا ائريني نالي سان سڃاتو ويو، هوءَ وڌيڪ ڇهن سالن ۾ ارڙنهن فلمن ۾ ظاهر ٿي. انهن ۾ اتيکا ائر ماتا ابو جي ڪردار سان (هڪ ماءٌ جا ڳوڙها، 1957)  پڻ شامل هئي. ساڳئي نالي جي 1941 ع واري هڪ فلم جو ريميڪ؛ انڪو سجنگ ۾ لاستري (منهنجو پيارو ٻالڪ، 1957ع)، ۽ پيججونگ ۾ هڪ ڪردار (آزاديءَ جا جوڌا، 1961ع) جنهن لاءِ انڊونيشيا فلم هفتي ۾ هن هڪ بهترين ليڊ ڪردار ماڻيو، جيڪي 1961 ع ۾ سيڪنڊ ماسڪو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پڻ ڏيکاريون ويون هيون. [4]

1960 ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾، ائريني پنهنجي هڪ فلم ڪمپني، فريدا ائريني فلم ڪارپوريشن قائم ڪئي. انڊونيشيا فلمي ڪيٽالاگ جي بي ڪرستانتو هن ڪمپني کي اڪيلي فلم ٺاهيندڙ ڪمپني طور ڄاڻايو، ڪاري بنگين هاري اسڪوڪ ( اسان سڀاڻي جاڳياسين، 1963) تيار ڪئي، هيءَ انڊونيشيا جي پهرئين فلم هئي جيڪا سينيمااسڪوپ سان ڀري ٺاهي وئي هئي. تنهن هوندي به، انسائيڪلوپيڊيا آف فگرز، ۾ مسباچ يوسف برن لکيو آهي ته ان ڪمپنيءَ ٻه فلمون مڪمل ڪيون، روڊ ٽو بالي (1968 ع)، فلم جيڪا جاپان سان گڏ هڪ گڏيل منصوبي طور ٺاهي وئي هئي.

1960 ع جي وچ ڌاري ائريني فلمي اداڪاري کان غير فعال هئي. هوءَ 1969 ع ۾ واپس فلمن ۾ موٽي آئي، انهي سال هن، ساجمندججا جي اپاجانگ ڪاؤتجاري، پالئپي جي هڪ ڳائڻي طور؟ (ڇا توهان ڳولڻ چاهيو ٿا، پالئپي؟) ۽ وائم امبوه  جي لڪي-لڪي ۾ تاک برناما (ماڻهو نالي کانسواءِ) ۾  ٻه ڪردار ادا ڪيا. ايندڙ اٺن سالن دوران هن ڪيترن ئي فلمن بشمول ليوات تينگاه مالم (آڌي رات کان پوءِ، 1971 ع)، سالاهاسوهانگ (غلط پرورش، 1972 ع)، ۽ مننتي ڪيلهيرن (پيدائش جو انتظار، 1977 ع) ۾ معاون ڪردار ادا ڪيا.

ذاتي زندگي

[سنواريو]

آرياني سياحت جي واڌاري لاءِ سرگرم هئي. هوءَ هڪ اهڙِي تنظيم سان پڻ لاڳاپيل هئي، جيڪا پراڻن اداڪارن جي حمايت ڪندي هئي. 1975 ع ۾ هن کي انڊونيشيائي فلم اداڪار يونين جي لاءِ ٻئي خزانچي جي طور مقرر ڪيو ويو. سندس ان عهدي تي رهڻ جو عرصو 1978 ع ۾ ختم ٿي چڪو هجي ها، پر آرئائني 15 آڪٽوبر 1977 ع تي جڪارتا ۾ وفات ڪري وئي.

فلمي جدول

[سنواريو]

هن جي ٻاويه سالن جي ڪيريئر دوران، آريئني چاليهه فلمن کان به وڌيڪ فلمن ۾ ظاهر (شامل) ٿي.[2]

  • '' ڪاسي ابو'' (1955)
  • گمبانگ سيمارانگ (1955)
  • سمپائي برجمپا ڪيمبالي (1955)
  • ميلاتي سيندجا (1956)
  • تيدجوآن (1956)
  • ائر ماتا ابو (1957)
  • انئڪڪو ساجانگ (1957)
  • برمين اپي (1957)
  • ايئرئني (1958)
  • بنگا دان سمورائي (1958)
  • تتي-تتو (1958)
  • وانيتا انڊونيشيا (1958)
  • لاڪي-لاڪي تاڪ بيرناما (1969)
  • اپا جانگ ڪائو تجاري, پالئپي؟ (1969)
  • اجام دين لاپي (1960)
  • استانا يانگ هلانگ (1960)
  • پيدجئانگ (1960)
  • تگس بارو انسپيڪتر رچمن (1960)
  • بجا ميمبارا (نئلا ميئولئلا) (1961)
  • سيربو لنگڪا (1000 لنگڪا) (1961)
  • سنگائي الر (1961)
  • دندام بردارا (1970)
  • دجالانگ (1970)
  • حادئپ، تجنتا دان ائر ماتا (1970)
  • ليوات تينگاه مالم (1971)
  • امپاس (0 x 0) (1971)
  • سانرينگو (1971)
  • تجسداني (1971)
  • نجنجيان ائر ماتا (1972)
  • سالاح اسوهانگ (1972)
  • انڪ ياتم (1973)
  • پيلارئن (1973)
  • سيباتانگ ڪيرا (1973)
  • بينيامن سي ابونواس (1974)
  • ميلاوان بدائي (1974)
  • فجر  مينينگسنگ (1975)
  • الادن  اجن رهاسئا (1975)
  • مينانتي ڪيلاهرن (1976)
  • نودا دان اسمارا (1977)
  • سينيوئم نونا ائنا (1977)
  • يوئان (1977)

حوالا

[سنواريو]
  1. "Frieda Thenu". filmindonesia.or.id (انڊونيشي ۾). 2018-11-25 تي حاصل ڪيل.
  2. "Farida Arriany". IMDb. 2018-11-25 تي حاصل ڪيل.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Citra Award for Best Leading Actress[[:زمرو:1938 پيدائشون] ]