فتاویٰ عالمگيري
اورنگزيب عالمگير قرآن پڙھندي ڏيکاريل | |
مصنف | اورنگزيب ۽ ڪيترائي مشھور اسلامي عالم |
---|---|
ٻولي | عربي ۽ فارسي |
ڇاپي جي تاريخ |
سترھين صدي |
بعد آيل ڪتاب | برٽش راڄ |
فتاوا عالمگيري(انگريزي: Fatawa Alamgiri)مغل بادشاهه اورنگزيب (1658-1707ع) جي حڪم سان، فقہ جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب پوءِ فتاوي عالمگيري جي نالي سان مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام الدين. برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم: قاضي محمد حسين جونپوري، سيد علي اڪبر سعدالله خاني، ملا حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا. هرهڪ عالم سان گڏ ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا، جن ۾ سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به شامل رهيا. فقہ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک رپيا خرچ ٿيا
[1]. ڏکڻ ايشيا لاءِ حنفي مسلڪ جي ھن اسلامي ڪوڊ جي تياري ۾ اورنگزيب 500 جي لڳ ڀڳ ديني عالمن جون خدمتون حاصل ڪيون جن ۾ 300 کن ڏکڻ ايشيا جا ، 100 کن عراق جا ۽ 100 کن حجاز (سعودي عرب ) جا عالم دين شامل ھيا. ھن ڪتابن جي مجموعي ۾ خاندان، غلامن، جنگ، ملڪيت، مذھبن جي تعلقن جا، ڏيتي ليتي، محصولن، معاشي ۽ ٻين معاملن جي مسئلن مذھبي فتوائن جو ذڪر ڪيل آهي. انھن فتوائن جو مجموعو (Code) 30 جلدن تي مشتمل ھيو پر ھاڻي ڪيترين ئي ٻولين ۾ نئين ڇاپن ۾ سمورو 6 جلدن ۾ ڇپيل آهي.[2] برطانيا جي راڄ جي شروعات ۾ ئي سيڪيولر قانوني نظام قائم ڪرڻ جي بدران مقامي تيار ڪيل ادارن ۽ قانونن کي قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو اھڙي طرح فتوا عالمگيري جو ڪوڊ قانوني نظام جو بنيادي حصو رھيو.