فاطما رهبر
| فاطما رهبر | |
|---|---|
سال 2013ء ۾ فاطما رهبر |
فاطما رهبر (فارسي: فاطمہ رهبر (جنم 1964ء -وفات، 7 مارچ 2020ء) هڪ ايراني سياست دان ۽ ليکڪا هُئي، جيڪا مجلس ايران جي تهران، ري، شميرانات ۽ اسلامشهر (چُونڊ ضلعو) کان پارليامينٽ جي رڪن رهي آهي. رهبر چوٿون ڀيررو پڻ رڪن چُونڊجي آئي پر چُونڊجڻ کانپوءِ هيءَ پنهنجي چوٿين مدت ملازمت جي مُنڍَ کان اڳُ ئي فوت ٿي وئي.
سوانح
[سنواريو]فاطما، وزيوئل مواصلات (ڪميونيڪيشن) ۾ ايم اي ڪئي هُئي ۽ پوءِ انتظامي حڪمت عملي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. هيءَ انٽرنيٽ نيٽورڪ جي پروڊڪشن منيجر ۽ انٽرنيٽ حڪمت عملي سان لاڳاپيل سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندي هُئي.[1] رهبر پاران محمود احمدي نزاد (محمود احمدي نساد) جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هيو، جنهن ۾ هن احمدي نساد کي "ٽيون هزارهون جو معجزو" سڏيو آهي.[2]
فاطما رهبر هڪ نماڻي سياست دان ۽ اسلامي اتحاد جماعت (پارٽيءَ) جي رڪن هُئي.[3] هيءَ سال 2004ء کان 2016ء دوران ٽري ڀرا ستين، اَٺين، نائين مدت جي لاءِ تهران، ري، شميرانات ۽ اسلامشهر چُونڊَ تَڪ (حلقو) کان رڪن ايراني پارليمينٽ رهي آهي.[4][2] پارليامينٽ جي رڪن جي حيثيت ۾ هيءَ نارين جي ۽ ميڊيا ۽ آرٽ جي خاص سيٽَ (نشست)تان يونيسڪو جي لاءِ ايراني قومي ڪميشن جي نائب صدر طور خدمتون ڏيندي رهي آهي.[5] هيءَ امام خميمني ريليف فائونڊيشن جي پڻ نائب صدر رهي چُڪي هُئي.[3] هيءَ چوٿون ڀيرو پڻ رڪن پارليمينٽ چُونڊجي آئي، پر پڇاڙي مهل چُونڊجڻ کانپوءِ، اڃا خدمتون ڏيڻ شروع ئي نہ ڪيون هيائين، تہ ڪرونا وائرس جي سبب کان 5 مارچ تي ڪوما ۾ هلي وئي ۽ انهيءَ وبا جي سبب 7 مارچ تي پلوڪ پڌاري (وفات) وئي.[4][6][6][7][8][9]
سياسي خدمتون
[سنواريو]رڪن اسيمبلي طور هن پاران خانداني رٿابندي ۽ نارين جي لاءِ هفتي ۾ 44 ڪلاڪن بدران، 36 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ، ڳرڀَ (پيٽ ۾ ٻار هئڻ مهل) جي موڪلن ۾ واڌارو، گهريلو زائفائن ويمو (انشورنس)، تحفظ خاندان قانون، نارين ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ پاليسيون (حڪمت علمي) ڪائونسل ٺاهي ۽ سَتُر (پاڪدامني)، حجاب جي لاءِ قانون سازي جو بلُ آندو هيو.
وفات
[سنواريو]رهبر 5 مارچ 2020 تي ڪورونا وائرس جي بيماري جي ڪارَڻ کان ڪوما ۾ هلي وئي،[6] ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري 7 مارچ 2020ء تي وفات ڪري ويئي.[10][8][11]
وَڌيڪ ڏسندا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "آشنايي با چهرہ هاي فرهنگي و هنري مجلس هفتم", Hamshahri, حاصل ڪيل 11 مارچ 2020۔
- ↑ 2.0 2.1 Azizi, Arash (26 فيبروري 2020), "Factbox: The outcome of Iran’s 2020 parliamentary elections", Atlantic Council (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 11 مارچ 2020۔
- ↑ 3.0 3.1 رویداد24, پايگاہ خبری، تحلیلی, "استعفای «رهبر» از کمیتہ امداد برای شرکت در انتخابات مجلس", fa (ٻولي ۾ فارسي), حاصل ڪيل 11 مارچ 2020۔
- ↑ 4.0 4.1 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedmajlis - ↑ "زندگينامہ فاطمہ رهبر", Shoma Weekly, حاصل ڪيل 11 مارچ 2020۔
- ↑ 6.0 6.1 6.2 "Iran: 124 dead from virus including FM’s adviser, could use force to stop travel", www.timesofisrael.com۔
- ↑ "Iranian Lawmaker Dies After Contracting Coronavirus As Fatality Toll Hits 145", Radio Free Europe, 7 مارچ 2020۔
- ↑ 8.0 8.1 "Newly elected Iranian female politician dies from coronavirus, as country confirms 1,234 new cases", CNN.com, مارچ 7, 2020, اصل کان مارچ 7, 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل مارچ 7, 2020۔
- ↑ Newly-Elected Female Politician Dies of Coronavirus in Iran
- ↑ "Iranian Lawmaker Dies After Contracting Coronavirus As Fatality Toll Hits 145", Radio Free Europe, 7 مارچ 2020۔
- ↑ Newly-Elected Female Politician Dies of Coronavirus in Iran