فارين ايڪسچينج مارڪيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
1988 کان 2007 تائين مکيہ پرڏيهي مٽاسٽا جي مارڪيٽ ۾ ٿيل سودن جا انگ اکر بلين آمريڪي ڊالرن ۾ ڏيکاريل


پرڏيهي مٽاسٽا جي بازار ____ (Foreign Exchange Market):


ضرورتمندن کي گهربل ناڻو مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ، هر ترقي يافته ملڪ ۾ مٽاسٽا جي بازار هوندي آهي. هيءَ بازار عام مارڪيٽ وانگر ڪو خاص مقرر هند نه هوندي آهي، پر انهيءَ ڪم ۾ مهارت رکندڙ ڪي خاص شخص جن جو وڏين وڏين بئنڪن، گڻگ واپارين ۽ پرڏيهي دلالن سان رستو هوندو آهي، اهي هر ملڪ جو ناڻو پاڻ وٽ جمع ڪندا آهن، ۽ حاجتمندن کي ملڪي ناڻي جي عيوض ڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو ٽيليفونن ۽ تارن وغيره ذريعي، هڪ ٻئي کان خبر چار لهي، هڪجيترو اگهه وصول ڪندا آهن. جنهن ڪري عام بازار جيان سندن اگهه هر وقت ساڳيو رهندو آهي. کين مختلف سڪن جو تعداد هيٺين ذريعن مان موصول ٿئي ٿو: (الف) ٻاهر مال موڪليندڙن کان، (ب) (قرض) کڻندڙن کان، جيڪي ملڪي ضمانت ناما ٻاهرو ڪڻڻ ذريعي ڌاريو ناڻو حاصل ڪن ٿا، (ث) خذمتن جي اجرت وٺندڙن وٽان ۽ (د) ڪڏهن ڪڏهن سٽي بازاريءِ ۾. وٺندڙن ۾ وري هيٺيان اچي وڃن ٿا: (الف) ٻاهران مال گهرائيندڙ، (ب) خذمتون يا ٻاهريون ڌراوتون خريد ڪندڙ، ۽ (ث) سٽيءَ بازاريءَ ۾. ان بازار ۾ ناڻي جو اگهه روزمره جي خريد و فروخت جي مدنظر مقرر ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: 1970؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو