مواد ڏانھن هلو

فارين ايڪسچينج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا جو ملڪي سطح تي برآمدات جو نقشو

پرڏيھي مٽاسٽا (Foreign Exchange) بين الاقوامي واپار کي گهرو واپار کان جدا ڪرڻ جو هڪڙو سبب اهو بہ آھي تہ مختلف ملڪن ۾، ناڻي ۽ بئنڪاريءَ جا مختلف سرشنا رائج آهن. هر هڪ ملڪ ۾ شيءِ جي قيمت سندس سڪي ۾ ڪئي ويندي آهي. مثال طور انگلينڊ ۾ پائونڊ ۾، آمريڪا ۾ ڊالر ۾، فرانس ۾ فرئنڪ ۾، جرمنيءَ ۾ ڊش مارڪ ۾ ۽ پاڪستان ۾ رپئي ۾. هڪ ملڪ جي باشندن لاءِ ٻئي ملڪ جو ناڻو اهڙو ئي نئون آهي، جھڙي اتي جي ٻولي نئين آهي. هڪ ملڪ جي اندر طاقت کي، چيڪن ۽ هنڊين وغيره وسيلي آسانيءَ سان ڦيرائي گهيرائي سگهجي ٿو، ۽ پري پري تائين ادائگيءَ ۾ سولائي ٿئي ٿي. پر بين الاقوامي ادائگين لاءِ مختلف سڪن جي ضرورت پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پرڏيھي مٽاسٽا جو سرشتو وجود ۾ آيو، جنھن جي ذريعي ملڪي ناڻي جي عيوض پرڏيھي ناڻو حاصل ڪر سگهجي ٿو.

پرڏيھي مٽاسٽا يا زرمبادلہ مختلف مفھومن ۾ استعمال ٿئي ٿو. پھريون تہ هن سان مٽاسٽا جي اگهہ جي معنيٰ ورتي ويندي آهي؛ يعني تہ ٻاهرئين ملڪ جي ناڻي جو مقدار جيڪو گهرو ملڪ جي ناڻي جي ايڪي جي عيوض ۾ ملندو. ٻيون تہ پرڏيھي مٽاسٽا جي ڏيتي ليتيءَ جي معنيٰ ۾، يعني هڪ ملڪ جي سڪي کي ٻئي ملڪ جي سڪي سان تبديل ڪرڻ يا، اها مشينري جنھنجي وسيلي ٻاهريون ادائگيون ڪيون وڃن ٿيون. ٽيون تہ هڪ ملڪ اندر پرڏيھي مٽاسٽا جو ذخيرو يا فند.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ ايڊيشن: 1970؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.