فارين ايڪسچينج ريٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پرڏيهي مٽاسٽا جو اگهه ___ (Rate of Foreign Exchange):


مٽا سٽا جي اگهه مان مراد آهي ٻن ملڪن جي ناڻن ۾ تناسب. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ملڪي ناڻي جي ايڪي عيوض پرڏيهي ملڪ جي ناڻي جو مقدار. مطلب ته مٽاسٽا جي اگهه مان مراد هيءَ آهي ته ملڪي ناڻي جي قيمت ٻئي قسم جي ناڻي ۾ ڪيتري آهي. بهرحال مٽاسٽا جي حالت ۾ هڪ ناڻي جي ڀيٽ ۾ ظاهر ڪئي ويندي آهي. پوءِ اها چاهي ڪهڙي به سڪي ۾ لکي وڃي. عملي طرح مٽاسٽا جي اگهه لکڻ لاءِ ڪابه پابندي ڪانهي. هر ملڪ پنهنجي سڪي ۾ ٻاهرين سڪي جي قيمت ڏيکاريندو آهي؛ جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ ٻاهرين سڪن جي ۽ پاڪستان ۾ وري پاڪستاني روپئي ۾ قيمت ڏيکاري ويندي آهي. هتي اها ڳالهه خاص طور تشويشناڪ آهي ته هڪڙي ناڻي جو ٻئي ناڻي سان ڪهڙو تناسب رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڪثر جدا جدا ملڪن جي ناڻن ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون، جن جو اثر ملڪن جي اقتصادي حالت تي پوي ٿو. اهو اثر ڪن حالتن ۾ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته مٽاسٽا جو اگهه اهڙو هجي، جيڪو ملڪ جي ادائگيءَ جي توازن کي برقرار رکي ۽ ڪنهن به قسم جو اقتصادي بحران پيدا نه ڪري.[1]

سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهه[سنواريو]

(Rates of Exchange under Gold Standard) ڪن به ملڪن ۾ جيڪڏهن سون جا سڪا راج هجن يا نوٽ وغيره ڪنهن خاص اگهه تي سون ۾ آسانيءَ سان تبديل ٿيندڙ هجن، ته چئبو ته اهڙن ملڪن ۾ سون وارو سرشتو رائج آهي. ڪنهن به ملڪ جو ناڻو مڪمل طرح سان سون واري سرشتي تي تڏهن سمجهيو ويندو آهي، جڏهن: (الف) حڪومت ڪنهن خاص مقرر قيمت تي سون جو ڪيترو به مقدار سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڳنهي ۽ وڪرو ڪري، ۽ (ب) ملڪ اندر سون اچڻ تي يا ملڪ مان سون نڪرڻ تي ڪابه پابندي نه هجي. هن سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن جي هر ماڻهوءَ کي اها اڳ ئي خبر هوندي ته کيس سندس ملڪ ۾ ئي وٽس ناڻي جي عيوض ڪيترو سون ملندو، ۽ وري سندس اهو سون ٻاهرئين ملڪ جي ناڻي جو ڪيترو مقدار خريد ڪري سگهندو. سون واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن ۾ سندن ناڻي جي مٽاسٽا جو اگهه ضربخاني واري خريدي يا برابري اگهه جي لڳ ڀڳ ٿيندو. ضربخاني واري برابريءَ مان مراد آهي ته مٽاسٽا جو اگهه ٻنهي ملڪن جي ناڻي ۾ سون جي سمايل مقدار مطابق برابر ٿيندو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ (1914ع) کان اڳ انگلينڊ ۽ فرانس، ٻنهي ملڪن ۾ سون وارو سرشتو رائج هو. انگلينڊ واري گنيءَ ۾ 98815ء 7 گارم سون (12/11نج) هو، ۽ فرانس ۾ فرينچ نيپولين (200 فرئنڪ) ۾ 45161ع 6 گرام سون (10/9 نمبر( هو. حساب لڳائي ڏسنداسين ته هڪ انگريزي گني 2215ء 257 فرئنڪن جي برابر هئي. سون تي هلندڙ ناڻي جي سرشتن ۾ مٽاسٽا جا اگهه انهيءَ طريقي سان مقرر ڪيا ويندا آهن. اسان جي مثال مطابق فرانسي مال گهرائيندڙ کي پئرس ۾ 2215ء 25 فرئنڪن ڏيڻ مان لنڊن ۾ هڪ پائونڊ ملندو، ۽ ٻئي طرف انگريز مال گهرائيندڙ کي لنڊن ۾ هڪ پائونڊ ڏيڻ سان فرانس ۾ 2215ء25 سون ملندو.[1]

نقدي يا سون واريون حدون[سنواريو]

(Specie Points) سون واري سرشتي تحت هڪ ملڪ ۾ سون جي موڪلڻ ۽ آڻڻ تي ڪابه بندش ڪانه هوندي آهي. پر ڏٺو وڃي ته هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ سون موڪلڻ تي ڪجهه خرچ اچي ٿو. جهڙوڪ: آمدرفت جو خرچ، ومو ۽ وياج وغيره. انهيءَ ڪري فرانس جو ماڻهو انگلينڊ ڏانهن سون رڳو ان حالت ۾ موڪليندو، جڏهن مٽاسٽا جو اگهه برابري واري حد کان سون جي موڪلن تي آيل خرچ کان مٿي هوندو. فرض ڪريو ته فرانس مان انگليڊ ۽ انگلينڊ مان فرانس ڏانهن سون موڪلڻ تي جملي خرچ 3ء فرئنڪ اچي ٿو، هاڻ جيڪڏهن مٽاسٽا جو اگهه 2215ء 25 فرئنڪ برابر هڪ پائونڊ کان 3ء فرئنڪ کان به مٿي هوندو ته پوءِ فرانس مان، انگلينڊ ڏانهن سون موڪليو ويندو. انهيءَ حد کي فرانس جي نقطه، نظر کان سون جي روانگي واري حد، ۽ انگلينڊ جي نقطه نظر کان سون جي گهرائڻ واري حد چئجي ٿو. انهيءَ کي روڪڙ جي مٿانهين حد يا سون واري مٿانهين حد به سڏيو وڃي ٿو. اها حد مٽاسٽا جي برابريءَ واري اگهه ۾ آمدرفت جو جملي خرچ وغيره ملائڻ سان معلوم ڪئي وڃي ٿي. اسان جي مثال ۾ اها 5215ء 25 فرائنڪ برابر هڪ پائونڊ ٿيندي. ٻئي طرف روڪڙ جي هيٺانهين حد يا سون واري هيٺانهين حد به هوندي آهي، جيڪا مٽاسٽا جي برابري واري اگهه مان آمد روفت وغيره تي آيل جملي خرچ ڪاٽڻ سان معلوم ڪئي ويندي آهي. اسان جي مثال ۾ اها 9215ء 24 فرئنڪ برابر هڪ پائونڊ ٿيندي. جيڪڏهن مٽاسٽا جو اگهه هن حد کان به هيٺ ڪرندو ته پوءِ انگريز مال گهرائيندڙ ، فرانس کي سون وڪڻندا. سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جو اگهه سون وارين هنن ٻن مٿانهين ۽ هيٺانهينءَ وارين حدن اندر ڦرندو گهرندو رهندو. انهن ٻن حدن اندر مٽاسٽا جي اگهه ۾ ڦيرڦار، ٻاهرين ملڪ جي ناڻي لاءِ طلب ۽ سندس رسد تي دارومدار رکندي. سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جي اگهه مقر ڪرڻ لاءِ، سون واريون حدون ڪافي ڪارآمد آهن، ڇاڪاڻ ته انهن مان هڪ اهو اندازو لڳي ٿو ته ڪيتري حد تائين ڏينهون ڏينهن مٽاسٽا جو اگهه مٽاسٽا جي بازار ۾ ڦرندو گهرندو، ۽ ٻي طرف اهو به معلوم ٿئي ٿو ته برابريءَ واري اگهه کان حقيقي مٽاسٽا جو اگهه ڇو گهٽ وڌ ٿئي ٿو. هيءَ ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن هڪ ملڪ ۾ سون وارو سرشتو ۽ ٻئي ملڪ ۾ چاندي وارو سرشتو رائج آهي ته پوءِ مٽاسٽا جو برابريءَ وارو اگهه، سون واري سرشتي تحت هلندڙ ملڪ ۾ چانديءَ جي سون ۾ قيمت، ۽ چانديءَ واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪ ۾ سون جي چانديءَ ۾ قيمت کي خيال ۾ رکي مقرر ڪيو ويندو.[1]

اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهه[سنواريو]

(Exchange Rates under Inconvertible Paper Standard) اسان مٿي ڏٺو ته سون واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن منجهه مٽاسٽا جي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ ايڏي ڏکيائي نٿي ٿئي، پر اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي هيٺ مٽاسٽا جي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف آهي. هن سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن وچ ۾ مٽاسٽا جا اگهه، قوت خريد جي برابريءَ واري نظريي تحت مقرر ٿين ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: ۱۹۷۰؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو