غيب
غيب
مولانا ابوالاعلي مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ غيب جو مطلب آھي حقيقتون آهن جيڪي انسان جي حواسن کان لڪل آھن ۽ ڪڏهن به سنڌو سنئون عام انسان جي تجربي ۽ مشاھدي ۾ نه اينديون آھن. انھن جو مثال خدا جي ذات، وحي، جنت، دوزخ وغيره آھن. انھن حقيقتن کي ڏسڻ کان بغير مڃڻ ايمان بالغيب ھوندو آھي.[1]
لفظي معنیٰ
[سنواريو]لڪل ۽ پوشيده ڳالھين جو علم. پيشنگوئي جو علم. اھڙو علم جنھن سان گذريل يا مستقبل جي
باري ۾ خبر پوي۔[2]
اصطلاحي معنیٰ
[سنواريو]غيب اھو آھي جيڪو انسان کان پوشيده آهي جنھن کي انسان پنھنجي حواسن جھڙوڪ ڏسڻ ڇھن وغيره سان عقل جي مدد سان معلوم نہ ڪري سگھي.[3]
علم غیب جی اصطلاحي معنیٰ مسلمانن جي خيال ۽ عقيدي مطابق خدا طرفان عطا ڪيل اھڙو علم آھي جيڪو حواسن ۽ اندازي کان مٿڀرو ھوندو آھي. جيڪو خاص چونڊيل پيغمبرن ۽ ولين کي ڏنو ويندو آهي.علامہ راغب اصفهاني لکي ٿو تہ : ڪنھن بہ شئي کي غائب انسان جي اعتبار کان سمجھيو ويندو آھي خدا جي اعتبار کان ڪا شئي غائب ناھي. خدا جو قرآن ۾ فرمان آھي تہ : "عالم الغیب والشہادۃ" جنھن جو مطلب آهي تہ جيڪو توهان کان غائب آھي خدا ان کي بہ ڄاڻي ٿو.مسلمانن مطابق جيڪو غيب کان انڪار ڪندو آهي اھو ملحد ھوندو آھي.[4] مسلمانن جي عقيدي مطابق غيب جو علم وحي ذريعي ايندو آهي.[5]
غيب تي ايمان
[سنواريو]غيب اھڙي لڪل حقيقت آهي جيڪا پنجن حواسن يا عقل وسيلي سمجھي نہ ٿي سگھجي. غيب تي ايمان مسلمان ھجڻ جو پھريون شرط آھي.ايمان تصديق کي چئبو آهي ۽ تصديق علم کان سواءِ نہ ٿي سگھندي آهي ، ۽ بغير علم جي تصديق ڪوڙ ھوندو آھي. مثال طور الله جي ذات ۽ صفتون، ملائڪ، نبي، قبر، حشر نشر، قيامت، جنت ۽ جھنم غيب آھن ۽ مسلمان نبي جي ٻڌائڻ تي ان تي ايمان آڻن ٿا.مسلمانن جو خيال آهي تہ جيڪڏهن ڪوئي نبي لاء ئي علم غيب کي نہ مڃي تہ پوء نبي جي ڳالھ ۽ دعوت جي تصديق ڪيئن ڪندو [6]
نبوت ۽ غيب
[سنواريو]- نَبُوَّت علم غیب کي چوندا آھن ۔امام قاضي عَیَّاض مالِڪي شِفَا شریف ۾ لکي ٿو تہ:
فَالنُّبُوَّةُ: فِي لُغَةِ مَنْ هَمَزَ مَأْخُوذَةٌ مِنَ النَّبَأِ، وَهُوَ الخبر وقد لا يهمز عَلَى هَذَا التَّأْوِيلِ تَسْهِيلًا۔ وَالْمَعْنَى: أَنَّ اللَّهَ تَعَالَى أَطْلَعَهُ عَلَى غَيْبِهِ، وَأَعْلَمَهُ أَنَّهُ نَبِيُّهُ فَيَكُونُ نَبِيٌّ
ترجمو:نَبُوَّت کے معنی ہوں گے اللہ نے آپ کو اپنے غیوب پر مطلع کیا اور آپ کو بتا دیاکہ آپ اس کے نبی ہیں۔— [7]
امام ابن حَجَر مڪي مُدْخَل ۾ ۽ امام قَسْطَلَاني مَوَاہِبُ اللَّدُنِّیَۃ ۾ فرمائي ٿو تہ:
حوالا
[سنواريو]- ↑ { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 50 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
- ↑ اردو_لغت, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-10
- ↑ صراط الجنان جلد اول صفحہ 64
- ↑ المفردات فی غريب القرآن المؤلف: أبو القاسم الحسين بن محمد المعروف بالراغب الأصفہانى
- ↑ گلدستہ تفسیر، عبد القیوم مہاجر مدنی، سورہ الملک ،آیت 23،صفحہ 274،ادارہ تعلیمات اشرفیہ ملتان
- ↑ http://www.thefatwa.com/urdu/questionID/2917
- ↑ کتاب الشفاء، باب الرابع
اِنَّ اَلنَّبُوَّۃ بِالْھَمْزَۃِ مَاخُوْذَۃٌ مِن النَبَاءِ وَھُوَ الْخَبْرُ اَیْ اَطْلَعَہُ اللہُ عَلَی الْغَیْب
ترجمو:نَبُوَّت نَبَاءٌ مان اخذ ڪيل آھي تہ بمعنی خبر یعنی اللہ تعالیٰ توھان کي غيب مان اطلاع ڏنو— ۔[1]
- ↑ (المواہب اللدنیۃ،المقصد الثانی