غرر

غرر(انگريزي: Gharar) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي غيريقينيت، خطرو، اتفاق يا انديشو آهي.[1] اسلامي فقه ۾ ربا يا وياج ۽ جوئا يا ميسر وانگر اھو ھڪ منفي لفظ آهي.[2] ڪنسائيز ڊڪشنري آف اسلامڪ ٽرمس مطابق غرر جي معني آهي "اھڙي شئي جو وڪرو جيڪا اڃان حال ۾ موجود نہ ھجي" مثال پاڻي ۾ موجود مڇي ، فصل جنھن جي ڪٽائي نہ ٿي ھجي.[3][4] فقه جي اصطلاح مطابق غرر اھڙي شئي جو وڪرو آھي جيڪا اڃان ھٿ ۾ ناھي يا اھڙي شئي جو وڪرو جنھن جا نتيجا اڻ ڄاتل ھجن يا جنھن ۾ ان شئي جي ملڻ يا نہ ملڻ صرف امڪاني ھجي .[5]
فقه جي روشني ۾
[سنواريو]حنفي فقه ۾ غرر جو مطلب آهي اھڙي شئي جنھن جا نتيجا لڪل ھجن [6] يا طئي نہ ڪري سگھجن يا جنھن جا نتيجن جو امڪان حتمي نہ ھجي ۽ اھو چئي نہ سگھجي تہ ڪجهه ٿيندو يا ڪجهه نہ ٿيندو .”[7] شافعي فقه ۾ بہ غرر جي تعريف ساڳي آهي. شافعي اصول مطابق اھڙي حالت جي نتيجي جا گھٽ ۾ گھٽ ٻہ امڪان موجود ھجن ۽ اھو چئي نہ سگھجي تہ ٻنھي مان ڪھڙو نتيجو وڌيڪ امڪاني آھي.[6] .[7]. حنبلي فقه مطابق غرر اھي شيون آھن جن جا نتيجا اڻ ڄاتل ۽ پڪ نہ ٿي تہ اھا ٿيندي يا نہ ٿيندي."[6]ظاھري فقه جو ابن حزم لکي ٿو تہ غرر اھڙي حالت کي چئبو آهي جنھن ۾ خريدار کي خبر نہ ھجي تہ ان ڇا خريد ڪيو آھي يا وڪرو ڪندڙ کي خبر نہ ھجي تہ ان ڇا وڪيو آھي."[6] اسلامي عالم القرافي مطابق غرر اھڙي شئي کي چئبو آهي جيڪا ڏسڻ ۾ تہ وڻندڙ ھجي پر ان جي اصل حقيقت حقارت واري ھجي .[8] ھاڻوڪي دؤر جي عالم مصطفیٰ الزرقا لکي ٿو تہ غرر اھڙي امڪاني شئي جو وڪرو آھي جنھن جو وجود ۽ خوبيون ان جي خطري واري نوعيت ڪري غير متوقع ھجن ۽ ان جو واپار جوئا وانگر ھجي.[6] .[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Glossary of Financial Terms", Institute of Islamic Banking and Insurance, حاصل ڪيل 29 August 2016۔
- ↑ "INTRODUCTION TO ISLAMIC FINANCE", ص: 1.3, حاصل ڪيل 30 August 2016۔
- ↑ Qazi, M.A. (1979). A Concise Dictionary of Islamic Terms. Lahore: Kazi Publications. p. 15.
- ↑ Ahmed, Naeem (November 2012), "A Discussion on Gharar in the light of Maqasid Al Shariah", .researchgate.net, حاصل ڪيل 30 August 2016۔
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedUIF-2007 - 1 2 3 4 5 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedAL-SUWAILEM - 1 2 Uddin, Md Akther (13 October 2015), "Principles of Islamic Finance: Prohibition of Riba, Gharar and Maysir", MPRA. Munich Personal RePEc Archive, ص: 4, حاصل ڪيل 30 August 2016۔
- ↑ "Gharar", Islamic Banker, حاصل ڪيل 29 August 2016۔
- ↑ AL-SUWAILEM, SAMI. "TOWARDS AN OBJECTIVE MEASURE OF GHARAR IN EXCHANGE". Islamic Economic Studies 7, (1, (October 1999); 2, (April 2000)): 61-102. http://www.irti.org/English/Research/Documents/IES/119.pdf. Retrieved 1 August 2016. آرڪائيو ڪيا ويا 16 August 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.