غرر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
غرر عربي ٻولي ۾ غيريقيني حالت کي چئبو آهي

غرر(انگريزي: Gharar) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي غيريقينيت، خطرو، اتفاق يا انديشو آهي.[1] اسلامي فقه ۾ ربا يا وياج ۽ جوئا يا ميسر وانگر اھو ھڪ منفي لفظ آهي.[2] ڪنسائيز ڊڪشنري آف اسلامڪ ٽرمس مطابق غرر جي معني آهي "اھڙي شئي جو وڪرو جيڪا اڃان حال ۾ موجود نہ ھجي" مثال پاڻي ۾ موجود مڇي ، فصل جنھن جي ڪٽائي نہ ٿي ھجي.[3][4] فقه جي اصطلاح مطابق غرر اھڙي شئي جو وڪرو آھي جيڪا اڃان ھٿ ۾ ناھي يا اھڙي شئي جو وڪرو جنھن جا نتيجا اڻ ڄاتل ھجن يا جنھن ۾ ان شئي جي ملڻ يا نہ ملڻ صرف امڪاني ھجي .[5]

فقه جي روشني ۾[سنواريو]

حنفي فقه ۾ غرر جو مطلب آهي اھڙي شئي جنھن جا نتيجا لڪل ھجن [6] يا طئي نہ ڪري سگھجن يا جنھن جا نتيجن جو امڪان حتمي نہ ھجي ۽ اھو چئي نہ سگھجي تہ ڪجهه ٿيندو يا ڪجهه نہ ٿيندو .”[7] شافعي فقه ۾ بہ غرر جي تعريف ساڳي آهي. شافعي اصول مطابق اھڙي حالت جي نتيجي جا گھٽ ۾ گھٽ ٻہ امڪان موجود ھجن ۽ اھو چئي نہ سگھجي تہ ٻنھي مان ڪھڙو نتيجو وڌيڪ امڪاني آھي.[6] .[7]. حنبلي فقه مطابق غرر اھي شيون آھن جن جا نتيجا اڻ ڄاتل ۽ پڪ نہ ٿي تہ اھا ٿيندي يا نہ ٿيندي."[6]ظاھري فقه جو ابن حزم لکي ٿو تہ غرر اھڙي حالت کي چئبو آهي جنھن ۾ خريدار کي خبر نہ ھجي تہ ان ڇا خريد ڪيو آھي يا وڪرو ڪندڙ کي خبر نہ ھجي تہ ان ڇا وڪيو آھي."[6] اسلامي عالم القرافي مطابق غرر اھڙي شئي کي چئبو آهي جيڪا ڏسڻ ۾ تہ وڻندڙ ھجي پر ان جي اصل حقيقت حقارت واري ھجي .[8] ھاڻوڪي دؤر جي عالم مصطفیٰ الزرقا لکي ٿو تہ غرر اھڙي امڪاني شئي جو وڪرو آھي جنھن جو وجود ۽ خوبيون ان جي خطري واري نوعيت ڪري غير متوقع ھجن ۽ ان جو واپار جوئا وانگر ھجي.[6] .[9]

حوالا[سنواريو]

  1. "Glossary of Financial Terms". Institute of Islamic Banking and Insurance. حاصل ڪيل 29 August 2016. 
  2. "INTRODUCTION TO ISLAMIC FINANCE" (PDF). صفحو. 1.3. حاصل ڪيل 30 August 2016. 
  3. Qazi, M.A. (1979). A Concise Dictionary of Islamic Terms. Lahore: Kazi Publications. p. 15. 
  4. Ahmed, Naeem. "A Discussion on Gharar in the light of Maqasid Al Shariah". .researchgate.net. حاصل ڪيل 30 August 2016. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named UIF-2007
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named AL-SUWAILEM
  7. 7.0 7.1 Uddin, Md Akther. "Principles of Islamic Finance: Prohibition of Riba, Gharar and Maysir" (PDF). MPRA. Munich Personal RePEc Archive. صفحو. 4. حاصل ڪيل 30 August 2016. 
  8. "Gharar". Islamic Banker. حاصل ڪيل 29 August 2016. 
  9. AL-SUWAILEM, SAMI. "TOWARDS AN OBJECTIVE MEASURE OF GHARAR IN EXCHANGE". Islamic Economic Studies 7, (1, (October 1999); 2, (April 2000)): 61-102. http://www.irti.org/English/Research/Documents/IES/119.pdf. Retrieved 1 August 2016.