غازي اورنگزيب (ناول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غازي اورنگزيب, محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو تصنيف ڪيل هي ناول ڊسمبر 1947ع واري هفته وار ’عبرت‘ جي خاص شماري جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. جيئن نالي مان ظاهر آهي، ڪتاب ۾ مغل شهنشاهه محي الدين اورنگزيب عالمگير جي حياتيءَ ۽ فتوحات جو احوال آهي. 167 صفحا قيمت هڪ رپيو ٻارنهن آنا اٿس. هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع