مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

عود ڪاٺي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عود ڪاٺي (عربي: عود غرقي، فارسي: عود، هندي/اردو وغيره: اگر، انجوع، دالي ۽ مرهان) ڪاري رنگ تي خوشبودار ڪاٺي ٿيندي آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، جگر، معدي، دماغ ۽ اندرين پردن کي طاقت ڏئي ٿي. کنگهہ، دمڪشي، خفقان، ماليخوليا، ٻرهل، جلندر، مثاني، گردن جي رحم جي جاين کي فائدو ڪري ٿي. وائي بادي کي وڃائي ٿي، قوت باھ وڌائي ٿي، طعام کي هضم ڪري ٿي، ڏندن ۽ مھارن جي مضبوطي ۽ وات جي خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌي.