عمل ۾ آڻڻ جو وقت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عمل ۾ آڻڻ جو وقت يا اينٽري ان ٽو فورس (Entry into Force) مان مراد ڪنهن به معاهدي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ طئي ٿيل اهڙو مدو، جنهن دوران لاڳاپيل ڌريون معاهدي تي عمل ڪرڻ شروع ڪنديون آهن. ان قسم جو عمل آڻڻ معاهدي ۾ ڄاڻايل تاريخ وقت ۽ سن کان وٺي بالا ادارن طرفان معاهدي جي توثيق، منظوري ۽ قبوليت تائين، هر رخ ذريعي واضح طور بيان ٿيل هوندو آهي. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن طرفان ”ويانا ڪنوينشن“ جي شق: 24 ۾ وڌيڪ تفصيل ڏنا ويا آهن، عام طور ٺاهه تي عمل عارضي (Provisional) ) بنيادن تي به ٿيندو آهي، جنهن کي اڳتي هلي مستقل عمل ۾ آڻبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد