علي مردان خان لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سڪرنڊ جو رئيس علي مردان خان ولد رئيس غلام شاھ لغارين جيسيرڪاڻي قبيلي مان هو، جي ديري غازي خان جي طرف کان ميرن جي صاحبيءَ ۾ لڏي اچي، خيرپور ۾ ويٺا هئا، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان هن جي ڏاڏي رئيس سعيد خان کي سبزل ڪوٽ جو نواب مقرر ڪيو هو. ان جي فرزند ميان مير خان کي ميرن طرفان سڪرنڊ جي ڀر ۾ جاگير ملي، جنهن ڪري هن اتان لڏي اچي سڪرنڊ جي ڀر ۾ سندس نالي سان ڳوٺ ٻڌو، جو اڃا تائين مير خان لغاري ڳوٺ جي نالي سان سڏجي پيو. رئيس مير خان کي بختيار خان نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جا ٻه پٽ ٿيا: ميان مير خان ۽ ميان غلام شاھ، رئيس علي مردان خان، رئيس غلام شاھ جو ڏاڏي پوٽيءَ گهر واريءَ مان فرزند هو. ان کان سواءِ کيس هڪ داشته مائيءَ مان به ٻه فرزند ٿيا: ميان هادي بخش خان ۽ ميان رسول بخش خان، ميرن هن خاندان کي جملي ٽي جاگيرون ڏنيون، جن ما ٻه خيرپور ناٿن شاھ طرف، هڪ ”ڪرڪٽ“ ۽ ٻي ”گوزو“ جاگيرون هيون ۽ ٽين جاگيرپاٺي تعلقي سڪرنڊ ۾ هئي. حمل خان لغاري، سنڌ جو مشهور شاعر، رئيسن جو استاد هو. رئيس علي مردان جي شادي ميان قادر بخش خان ناريجي جي نياڻيءَ سان ٿي، جو سرائي ڪوڙي خان جي اولاد مان هو، جنهن جي نالي اڃا حيدرآباد ۾ چاڙهي سڏبي اچي. ان گهر مان رئيس علي مردان خان کي رئيس فتح محمد خان نالي فرزند ڄائو. رئيس صاحب 12 رجب 1345ھ، مطابق 16 جنوري 1927ع تي وفات ڪئي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو