عطا محمد حامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عطا محمد حامي (ڊاڪٽر پروفيسر) جو پورو نالو عطا محمد ولد قائم الدين سوهو هو. عطا محمد حامي سموري زندگي علمي ترقيءَ سان گڏ سماجي ڪمن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري.

پيدائش[سنواريو]

هن پهرين جنوري 1919ع تي خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان سوهو ڪناسرا ڳوٺ ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1941ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان ڪيائين. نوڪريءَ جي پوئين حصي ۾ (1978ع) عطا محمد حامي پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالو 1994ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران شايع ٿيو. 2009ع ۾ ساڳيو ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي پڌرو ڪيو.

نوڪريون[سنواريو]

ڪجهه وقت P.W.D کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، پر جلد اها نوڪري ڇڏي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1946ع ڌاري انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ فيض گنج ۽ گنبٽ هاءِ اسڪولن ۾ استاد رهيو. ناز هاءِ اسڪول خيرپورجي لقمان برانچ ۾ به ڪجهه وقت استاد رهيو. 1947ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج فارمين خيرپور بدلي ڪيو ويو، جتي نوڪريءَ دوران بي. اي، بي. ٽي ۽ ايم. اي جا امتحان پاس ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ عطا محمد حامي، پهرين هالا ڪاليج ۾ ۽ پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٿوري عرصي لاءِ ٽنڊو جان محمد، شڪارپور ۽ سکر جي ڪاليجن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو، بعد ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 31 ڊسمبر 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين.

سياست[سنواريو]

1953ع ڌاري تعليم کاتي جي ملازمت تان استعيفا ڏئي ڪوٽڏجيءَ مان ميمبر ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي حيثيت سان رياست جي چونڊن ۾ حصو وٺي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 21 آڪٽوبر 1955ع تي ونيونٽ قائم ٿيڻ سان، رياست خيرپور جو وجود ختم ٿيڻ سبب سندس ميمبر جي حيثيت به ختم ٿي وئي.

ادبي پورهيو[سنواريو]

عطا محمد حاميءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪم سچل سرمست جي سوانح، فن ۽ فڪر تي جديد نموني جي تحقيق آهي. ان کانسواءِ تعارفي، سوانحي ۽ تاريخي موضوعن تي سندس ڪم ٿيل آهي. عطا محمد حامي پختو شاعر هو، جنهن وٽ زبان جي لطافت ۽ خيالن جي نزاڪت سان گڏ سماجي شعور مٿاهون هو. سندس شاعريءَ ۾ ماحول جي عڪاسي ڀرپور ٿيل آهي. هن غزل جي روايتي رنگ ۾ وقت ۽ ماحول جي تقاضائن مطابق تبديليون آنديون ۽ بهترين غزل گو شاعر ليکيو وڃي ٿو. تنوير عباسيءَ جي راءِ موجب عطا محمد حاميءَ جي شاعري، سنڌي ادب ۾ هڪ نرالو مقام رکي ٿي، ان ڪري اها نه صرف سنڌي ادب، پر سنڌي شـاعـريءَ جـي شـاگـردن توڙي تحقيـق ڪـندڙن لاءِ دلچـسـپ اڀيـاس آهي.

تصنيفون[سنواريو]

عطا محمد حامي جي ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

  • (1) ’ثمر حيات‘ (مضمون: 1953ع)
  • (2) ’درازن جا درويش‘ (مقالو 1959ع)
  • (3) ’منصور ثاني سچل سرمست‘ (تحقيق 1964ع)
  • (4) ’سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري‘ (ترتيب 1981ع)
  • (5) ’نينهن جا نعرا‘ (سچل سـرمـسـت جي فارسـي مثنـويـن جـو سـنڌي ترجمو: 1983ع)
  • (6) ’وکريل موتي‘ (مضـمـون ۽ مقالا: 1983ع)
  • (7) ’حاميءَ جو ڪلام‘ (مرتب: محمد علي حداد: 1994ع).

وفات[سنواريو]

پروفيسر عطا محمد حامي، لبلبي جي ڪينسر جي موذي مرض سبب، 3 جون 1982ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012