محمد علي حداد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد علي حداد، مشهور اديب ۽ محقق 14 آگسٽ 1939ع تي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

تعليم ۽ ابتدا[سنواريو]

هيءُ ابتدائي ۽ ڪاليجي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي تعليم ۽ تدريس سان گڏ اسڪائوٽن جي به رهنمائي ڪندو رهيو.

تحقيقي سفر[سنواريو]

هن کي حضرت سچل سرمست ۽ خيرپور رياست جي تاريخ سان ابتدا کان وٺي لڳاءُ رهيو. هن 1981ع کان سچل سرمست بابت ڇپيل مضمونن ۽ ڪتابن جي ببليوگرافي لکڻ شروع ڪئي ۽ 1982ع ۾ ’سچل جي ببليوگرافي‘ عنوان سان سندس ڪتاب ڇپيو، جنهن تي کيس 1983ع ۾ ’سچل اوارڊ‘ ڏنو ويو. هن ڪجهه وقت خيرپور جي تاريخ تي ڪم ڪيو ۽ خيرپور ضلعي سان وابسته ماڳن مڪانن، عمارتن وغيره جا فوٽو به گڏ ڪيا، پر اهو ڪم سندس وفات تائين مڪمل ٿي نه سگهيو. 1981ع کان سچل يادگار ڪميٽيءَ پاران ميلي جي موقعي تي ’سرمست‘ رسالو نڪرڻ شروع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ۽ مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسي هو. پهرئين پرچي کان وٺي اياز گل، تنوير عباسيءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو، جڏهن ته ٻارهين پرچي (1992ع) کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن (1999ع) تائين ان جو مرتب رهيو.1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور پاران ’سچل چيئر‘ قائم ٿي. جنهن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ صلاحڪار ڊاڪٽر تنوير عباسي مقرر ٿيو. ڊاڪٽر تنوير، محمد علي حداد کي پاڻ وٽ ڊيپوٽيشن تي گهرائي ورتو ۽ سچل چيئر پاران جڏهن ’آشڪار‘ رسالو شروع ڪيو ويو ته ان جو ايڊيٽر اياز گل ۽ ٻانهن ٻيلي محمد علي حداد بڻيو. چئن پرچن (مارچ 1993ع) تائين محمد علي حداد هن رسالي جو ٻانهن ٻيلي رهيو. 1994ع ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سچل چيئر تان استعيفا ڏئي هليو ويو ته ترت پوءِ محمد علي حداد به ڊيپوٽيشن ختم ڪرائي ’ناز هاءِ اسڪول، خيرپور‘ ۾ وڃي استاد ٿيو. 1995ع جي شروعات ۾ محمد علي حداد ڪجهه عرصو ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر به ٿيو. محمد علي حداد، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏجي سچل سيمينارن، ادبي ڪانفرنسن ۽ سرمست ۽ آشڪار رسالي جي ترتيب ۾ وڏو مددگار رهيو. ڊاڪٽر تنوير عباسي، محمد علي حداد کي هميشه تحقيقي ڪم ۾ پاڻ سان گڏ رکيو، خاص ڪري سچل جو مستند ۽ معياري رسالو ترتيب ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو، ان ۾ محمد علي حداد مختلف رسالن ۾ موجود بيتن ۽ انهن جي پڙهڻين جي ڀيٽا ۾ سندس وڏي مدد ڪئي. هن رسالي جي مستند متن جو 80 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو هو، پر ٻنهي (تنوير ۽ حداد) جي وفات سبب اڻپورو رهجي ويو.

علمي پورهيو[سنواريو]

محمد علي حداد جو علمي پورهيو هن ريت آهي:

  • (1) ’سچل ببليوگرافي‘ (1982ع: اها ببليوگرافي محمد علي حداد اڳتي وڌائي 1999ع تائين ترتيب ڏني هئي).
  • (2) ’حاميءَ جو ڪلام‘ (1983ع).
  • (3) ’محمد علي حداد جا مقالا‘ (سچل چيئر پاران انهن کي ترتيب ڏئي 2010ع ۾ ڇپايو ويو آهي.)
  • (4) ’تاريخ خيرپور‘ (اڻ پورو مسودو).

سندس مقالا[سنواريو]

  • (1) ’ويهين صدي- سچل جي صدي‘ (1989ع).
  • (2) ’سچل جو پهريون سيرت نگار: فقير قادر بخش بيدل‘ (1991ع).
  • (3) ’سچل سائين جو اصلوڪو اردو ڪلام‘ (1983ع)، تحقيق جي حوالي سان نهايت مستند ۽ معياري مواد مهيا ڪن ٿا.

وفات[سنواريو]

محمد علي حداد، آگسٽ 1999ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيو. جنهن کان ٻه مهينا پوءِ 7 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]