عروضي شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي شاعريءَ (Sindhi Shaairi) ۾ عروضي شاعريءَ (Prosodic Poetry) جا ابتدائي اھڃاڻ ڪلھوڙن جي دور (1700-18782ع) کان ملن ٿا. هن دور ۾ نور محمد خسته ۽ ٻيا نالا ملن ٿا. ھن تحريڪ جا باني علم عروض ۽ فارسيءَ کان متاثر ھئا. ھنن عروض جي مشھور ۽ مقبول صنف ”غزل“ تي طبع ازمائي ڪئي. الف ــ ب رديف وارا مڪمل ديوان لکيا. ان کان علاوه مخمس، مسدس، مثنوي، قطع، مستزاد، رباعيءَ جھڙين عروضي شاعريءَ جي صنفن تي طبع ازمائي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي شاعريءَ جي باقاعدگي تحريڪي مشڪل ٽالپرن جي دور ۾ نظر اچي ٿي. ھن دور ۾ سيد ثابت علي شاھھ ۽ سچل سرمست عروض جا وڏا شاعر ھئا. ھن قسم جي شاعريءَ تي مڪمل فارسي اثر ھو. انگريز دور جا ۽ ورھاڱي کان پوءِ جا ڪيترائي شاعر فارسي تشبيھون ۽ ترڪيبون استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا ھئا. کارسي جي ھن تحريڪ ھيٺ شاعري ۾ ائين محسوس ٿيندو ھو تھ ڄڻ بلبل گل مٿان ڦيرا پائي رھي اھي، پروانو شمع مٿان جلي خاڪ ٿي رھيو اھي، عاشقن جا جيرا ۽ بڪيون پچي رھيا اھن، پيمانا ۽ ميخانا مشتاقن سان ڀرجي ويا اھن، ساقي جي ھٿ ۾ جامَ ۽ پيالا اھن، عاشقن جو وصال، نرگسي نيڻ، خمار، من، مستي، ستمگر دليون، نرگسي اکيون، دراز زُُلف وغيره ھن شاعريءَ ۾ رائج ھئا. ھن قسم جي تحريڪ ۾ خليکو گل محمد، غلام محمد شاھھ گدا، مير عبدالحسين سانگي، ميون وڏل حيدري، مرزا قليچ بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، اغا فتح علي شاھھ، مير گل حسن خان خيرپوري ۽ ٻيا ڪيترائي شامل اھن. اڳتي ھلي ھن عروضي تحريڪ ۾ نمايان تبديلي اچي ويئي. سنڌ جي شاعرن عرب کان ايران ۽ ايران کان سنڌ تائين پھتل غزل کي ھڪ نئين روپ ۾ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ معشوق جي ذڪر، عورتن جي حسن ۽ دانھن بدران صوفياڻون صلاحون، ناصحاڻا نقطعا، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي موضوعن جو بيان ٿيڻ لکو ان ڏس ۾ بيشمار شاعرن جو سھڪار شامل رهيو، جن ھن تحريڪ کي وڌايو ۽ ترقي ڏياري. ھن تحريڪ کي سنڌ ۾ کيئلداس ’فاني‘، ڪشنچند ’بيوس‘، شيخ اياز، هري دلگير ۽ ٻين جديد شاعرن هٿي ڏني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن جي اظھار جو بھترين ذريعو بڻايو. هاڻوڪي زماني ۾ پڻ غزل تي عروضي تحريڪ جو اثر غالب اھي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد