عثمانيه مسجد، مظفرآباد
ڏيک
عثمانيه مسجد (Osmania Masjid) آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر، مظفرآباد ۾ هڪ ترڪي طرز تعمير جي مسجد آهي جيڪا جهلم ۽ نيلم ندين جي سنگم تي واقع آهي.
سال 2009ع ۾ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان (ان وقت جي وزيراعظم) طرفان تحفي ۾ ڏني وئي ۽ انهن ان جو افتتاح ڪيو. ٽن منزلن واري مسجد ۾ 2500 نمازين جي گنجائش آهي.