صلواة خوف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صلواة خوف جو ذڪر قرآن ۾ سوره النساء ۾ ھيٺين طرح آيل آهي:

وَإِذَا كُنْتَ فِيهِمْ فَأَقَمْتَ لَهُمُ الصَّلَاةَ فَلْتَقُمْ طَائِفَةٌ مِنْهُمْ مَعَكَ وَلْيَأْخُذُوا أَسْلِحَتَهُمْ فَإِذَا سَجَدُوا فَلْيَكُونُوا مِنْ وَرَائِكُمْ وَلْتَأْتِ طَائِفَةٌ أُخْرَىٰ لَمْ يُصَلُّوا فَلْيُصَلُّوا مَعَكَ وَلْيَأْخُذُوا حِذْرَهُمْ وَأَسْلِحَتَهُمْ ۗ وَدَّ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْ تَغْفُلُونَ عَنْ أَسْلِحَتِكُمْ وَأَمْتِعَتِكُمْ فَيَمِيلُونَ عَلَيْكُمْ مَيْلَةً وَاحِدَةً ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ إِنْ كَانَ بِكُمْ أَذًى مِنْ مَطَرٍ أَوْ كُنْتُمْ مَرْضَىٰ أَنْ تَضَعُوا أَسْلِحَتَكُمْ ۖ وَخُذُوا حِذْرَكُمْ ۗ إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُهِينًا 102
ترجمو:۽ (اي پيغمبر! ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين تہ منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي بيھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نہ پڙھي آھي سي، اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن تہ جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو تہ اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪا تڪليف ھجي يا اوھين بيمار ھجو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي تہ پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي

— النساء: 102


صلواة خوف جو حڪم ان صورت ۾ ھوندو آھي جڏھن دشمن جي حمل جو خطرو تہ ھجي پر عملي طور تي قتال شروع نہ ٿيو ھجي[1]. جنگ جي وقت حنفي فقه جي مطابق نماز ڇڏي ويندي آهي. امام مالڪ ۽ امام ثوري مطابق جنگ دوران جيڪڏهن رڪوع ۽ سجدو ممڪن نہ ھجي تہ اشارن سان پڙھي وڃڻ کپي[1]. نبي ﷺ جن کان ثابت آھي تہ خندق جي جنگ دوران چار نمازون ڇڏيون ھيون جيڪي بعد م ترتيب سان ادا ڪيون، باجود ان جي تہ صلواة خوف جو حڪم خندق جي جنگ کان اڳ اچي چڪو ھيو[1]. ھن نماز جي ترڪيب جو مدار جنگي حالتن تي ھوندو آھي. نبي ﷺ جن مختلف حالتن ۾ مختلف طريقن سان نماز پڙھائي[1]. ھن نماز جو ھڪ طريقو ابن عباس مطابق ھي آھي تہ فوج جو ھڪ حصو امام سان گڏ نماز پڙھي ۽ ٻيو حصو دشمن سان مقابلي تي ھجي ۽ جڏھن رڪعت پوري ڪري تہ سلام ورائي مقابلي ۾ وڃي ۽ پھريون حصو اچي ٻي رڪعت ۾ امام سان شامل ٿي وڃي اھڙي طرح امام جون ٻہ رڪعتون ٿينديون ۽ فوج جي ھڪ رڪعت[1]. ٻيو طريقو عبدالله بن مسعود مطابق اھو اھي تہ مٿئين طريقي سان ھڪ ھڪ رڪعت امام پٺيان پڙھڻ بعد فوجي واري سان پنھجي ڇڏيل ٻي رڪعت پڻ پوري ڪن[1]. ٽيون طريقو حسن بصري مطابق اھو آھي تہ امام چار رڪعتون پڙھي ۽ فوجي مٿئين پھرين طريقي سان ٻہ ٻہ رڪعتون امام پٺيان پڙھن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 391,392