صادق علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صادق علي خان
ٺٽي جو آخري مغل گورنر يا صوبيدار
1149 کان 1151ھ
پيشرو ھمت دلير خان
جانشين ميان نور محمد ڪلھوڙو
ريجنٽ محمد شاھ
پيءُ سيف الله خان
مذھب اسلام

صادق علي خان(انگريزي: Sadiq Ali Khan)دلير خان جي وڃڻ بعد ٺٽو امير خان انجام کي جاگير طور ڏنو ويو. ۽ ان جو مددگار طور همت دلير خان 1145ھ تي ٺٽي پهتو ۽ ٺٽو امير خان کان ٺيڪي تي ورتائين.ان کانپوءِ ٺٽو ٺيڪي تي ئي رهيو ۽ همت دلير خان 1145ھ بحيثيت ٺٽي جو ٺيڪيدار طور گذاري ويو [1].ان کانپوءِ نواب صادق ٺٽي جو ٺيڪو کڻي اتي پهتو پر ٻي سال نقصان ۾ وڃڻ ڪري خدا يار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله جي ٺٽو حوالي ڪري ڇڏيائين، جيڪو اڳ ۾ ئي ٺٽي حاصل ڪرڻ جا سڀ انتظام ڪري آيو هو. اهڙيءَ طرح ٺٽي مان مغلن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ڪلهوڙا خاندان جو دؤر شروع ٿيو. راشدي صاحب تاريخ مظفري جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جنهن وقت مغلن جو اقتدار سنڌ مان ختم ٿيو، ان وقت ٺٽو صوبو چئن سرڪارن ۾ ورهايل هو ۽ ان جا 57 ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ هئا، جن جي ڍل ست ڪروڙ، اوڻونجاهه لک، ڇاهتر هزار نوَ سؤ رپيا حاصل ٿيندي هئي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي