شھديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهديوي: نالا: سنسڪرت- مهابلا سهدي، اردو - سهديوي، بنگالي - پيت پشپ، پنجابي - نيل ڪنٺي، انگريزي- ييلو بارليريا، (Yellow Barleria). سڃاڻپ هي ٻوٽي آهي، جا ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪڙي زمين تي ڇٽو هڻندڙ ۽ ٻي اُڀي هوندي آهي. سندس پن نازبوءِ جي پنن وانگي، ذائقو ڦڪو، لعابدار ۽ پاڙ خوشبودار ٿيندي آهي. گل ٽڪنڊا هيڊا ڳاڙها ڪري ٿي.

طب[سنواريو]

مزاج: سرد تر 1 درجي ۾. مقدار خوراڪ: ٽن کان ستن ماسن تائين. پيدائش: وارياسي زمين تي برسات جي موسم ڌاري جوئر، مڪئي ۽ ڪمند جي پوک ۾ ٿيندي آهي. خاصيت: هيءَ پسينو آڻيندڙ، حرارت هٽائيندڙ، پيشاب کوليندڙ، پٿري ٽوڙيندڙ ۽ رت صفا ڪندڙ آهي. ڪارن مرچن سان جريان ۽ پراڻي بخار کي هٽائي ٿي. سندس پاڙ جو ليپ جماع ۾ لذت پيدا ڪري ٿو. هن جي پنن جي پني ڳڙن لاءِ مفيد آهي. مثاني جي پٿري، کانگهاري ۾ رت اچڻ، نفث الدم (Haemoptysis) ۽ سوزاڪ لاءِ هن جو شيرو ڪڍي پياريو ويندو آهي. پاري جي ڪشتي بڻائڻ لاءِ نهايت ڪارآمد ٻوٽي آهي. هيڊن گلن واري شهديوي ڳاڙهن گلن واري کان وڌيڪ مؤثر ۽ بهتر چئي وڃي ٿي...[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو