مواد ڏانھن هلو

شگفته شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعره، ڪهاڻيڪاره شگفته شاھ جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.

تعليم : هن ابتدائي تعليم محمدي اسڪول حيدرآباد، ميٽرڪ گورنمينٽ حمايت اسلام گرلز هاء اسڪول حيدرآباد، انٽر زبيده گرلز ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. تنهن کان سواءِ ايم. ايڊ ۽ انگريزي ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي اٿائين.

عملي زندگي : هن عملي زندگيءَ جي شروعات انٽر کانپوءِ استاد طور ذميواريون نڀائڻ سان ڪئي. هن وقت پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرلز سيڪشن ۾ سنڌي شعبي جي انچارج آهي.

ادبي خدمتون : شگفته شاھ شاعري جي شروعات 1989ع کان ڪئي. جنهن بعد هن ڪهاڻيون، ناول ۽ سفرنامو پڻ لکيا. ان سان گڏوگڏ هوء مصور پڻ آهي.[1]

ڪتاب

جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل (ناول)

واجھائيندي ورهيه ٿيا (ڪهاڻيون)[2]

خالي ڪينواس (شاعري)

درد آشنا ( اردو ناول)


== حوالا ==

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. "شگفته شاهه : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 29 جون 2019۔
  2. "واجهائيندي ورهه ٿيا (شگفته شاهه) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 29 جون 2019۔